صدر علوي کي استعيفيٰ ڏيڻ گهرجي: اسحاق ڊار

اسلام آباد(م ڊ) مسلم ليگ (ن) جي سينيٽر ۽ اڳوڻي وفاقي ناڻي واري وزير اسحاق ڊار  صدر ڊاڪٽر عارف علوي جي بيان کي وڌاءُ قرار ڏئي ڇڏيو ،هن  چيو ته صدر عارف علوي جي استعيفيٰ هن ناقابل اعتماد صورتحال جي اخلاقي تقاضا آهي.هن چيو ته صدر مملڪتي وزير آفيس جو ڪم موثر طريقي سان انجام ڏيڻ ۾ ناڪام ٿي ويو آهي.

  • صدر واضح ڪري عملي جعلي صحيح ڪئي: احمر بلال

اسلام آباد(م ڊ) پلڊاٽ جي سربراهه احمر بلال محبوب چيو آهي ته صدر عارف علوي واضح  ڪري ته ڇا ايوان صدر جي عملي جي جعلي صحيح آهي؟جيو نيوز سان ڳالهائيندي احمد بلال محبوب چيو ته صدر علوي واضح ڪري ته عملي جعلي صحيح ڪئي يا مقرر وقت ۾ بل واپس نه موڪليا.هن وڌيڪ چيو ته صدر عارف علوي اهو به ٻڌائي ته هن ڪهڙي تاريخ تي ايوان صدر جي عملي کي بل واپس موڪلڻ جي هدايت ڪئي.احمد بلال محبوب اهو به چيو ته صدر اهو به ٻڌائي ته هن فائل تي زباني هدايتون ڏنيون يا لکت ۾.

  • شاهه محمود هڪ ڏينهن جي رمانڊ تي ايف آءِ اي حوالي

اسلام آباد( م ڊ) اڳوڻي پرڏيهي وزير ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي وائيس چيئرمين  کي هڪ ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي ايف آءِ اي حوالي ڪيو ويو. پي ٽي آءِ اڳواڻ شاهه محمود قريشي کي گذريل ڏينهن سائفرڪيس ۾ گرفتار ڪيو ويو هو، ايف آءِ اي ضلعي مئجسٽريٽ احتشام عالم جي عدالت ۾ پيش ڪيو. شاهه محمود قريشي خلاف آرمي ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيو ويو، ڪيس جي ٻڌڻي ان ڪيمرا ۾ ڪئي وئي ۽ ڌرين جا دليل ٻڌڻ بعد عدالت شاهه محمود قريشي کي هڪ ڏينهن جي رمانڊ تي ايف آءِ اي حوالي ڪري ڇڏيو. عدالت شاهه محمود قريشي کي ريمانڊ تي ايف آءِ اي حوالي ڪرڻ جو لکت ۾ حڪم جاري ڪندي کيس سومر تي لاڳاپيل عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو.

  • مواصلات واري نگران وزير پاران حادثي جي جاچ جو حڪم

اسلام آباد(م ڊ( مواصلات واري نگران وفاقي وزير شاهد اشرف تارڙ فيصل آباد ملتان موٽر وي ايم فور تي مسافر بس ۾ باهه لڳڻ واري  افسوسناڪ واقعي ۾ قيمتي جانيون ضايع ٿيڻ تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. وفاقي وزير حادثي ۾ فوت ٿيل ۽ زخمين ٿيلن جي وارثن سان دلي همدردي جو اظهار ڪيو ۽ واقعي جي فوري جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. هن آچر جي شام تائين شروعاتي رپورٽ جمع ڪرائڻ جي سختي سان هدايت پڻ ڪئي آهي. اين ايڇ اي ترجمان طرفان جاري بيان موجب نگران وفاقي وزير چيو ته اهڙن حادثن کان بچڻ لاءِ پهرين به ڪيترائي قدم ڪيا ويا آهن، موٽر وي پوليس کي انهن قدمن تي سختي سان عمل ڪرائڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. شاهد اشرف تارڙ چيو ته تفصيلي جاچ رپورٽ اچڻ کانپوءِ انهن قدمن ۾ وڌيڪ بهتري آڻي سگهجي ٿي. سانحي جو اطلاع ملڻ جي فوري بعد وفاقي وزير تعلقي هيڊڪوارٽر اسپتال پنڊي ڀٽيان ۽ واقعي وار هنڌ جو دورو ڪيو ۽ زخمين جي عيادت ڪئي.

  • حادثي جو سبب معلوم ڪرڻ لاءِ جاچ ڪئي وڃي:سياسي قيادت

ڪراچي(م ڊ) پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پنڊي ڀٽيان ويجهو مور وي تي بس حادثي تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي.  بلاول هائوس جي ميڊيا سيل طرفان جاري بيان مطابق بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي، ته افسوسناڪ حادثي جي خبر ٻڌي صدمي ۾ آهيان. حادثي ۾ پنهنجي پيارن کان وڇڙي ويندڙ خاندانن جي ڏک ۾ برابر جو شريڪ آهيان. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته حادثي جي زخمين جي بهترين علاج کي يقيني بڻايو وڃي. هن چيو ته زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعاڳو آهيان. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته حادثي جو سبب معلوم ڪرڻ لاءِ جاچ ڪئي وڃي، حادثن جي روڪٿام لاءِ حڪومت ۽  عوام کي پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪرڻ جي ضرورت آهي. هوڏانهن  اڳوڻي وزيراعظم ۽ ملسم ليگ( ن) جي صدر شهباز شريف ڪراچي کان اسلام آباد ويندڙ مسافر ڪوچ حادثي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي، شهباز شريف چيو ته واقعي جي جاچ ڪرائي حادثي جو سبب معلوم ڪيو وڃي ته جئين مستقبل ۾ ان قسم جي حادثن کان بچي سگهجي ٻئي پاسي  سڌ سماءَ جي  جي نگران وفاقي وزير مرتضي سولنگي جو ڪراچي کان اسلام آباد ويندڙ مسافر بس حادثي تي  ڏک جو اظهار ڪيو آهي، گذريل ڏينهن پنهنجي هڪ بيان ۾ هن حادثي ۾ فوت ٿي ويلن جي ڪٽنن سان همدري جو اظهار ڪندي تعزيت ڪيو ۽ چيو ته اسان سڀني کي ان حادثي تي تمام گهڻو افسوس ٿيو آهي، هن چيو ته حادثي جو سبب معلوم ٿيڻ گهرجي ته جئين آئنده ان قسم جي حادثن کان بچي سگهجي،

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.