اسلام آباد( م ڊ) سينيئر صحافي ۽ تجزيه نگار حامد مير جو چوڻ آهي ته آفيشل سيڪريٽس ايڪٽ ۽ آرمي ايڪٽ ترميمي بل تي صحيح نه ڪرڻ بابت صدر پاڪستان ڊاڪٽر عارف علوي جو سندس عملي تي الزام انتهائي سنجيده معاملو آهي. هن چيو ته صدر عارف علوي کي سمورا ثبوت پيش ڪرڻا پوندا، ٻي صورت ۾ پاڪستان سڄي دنيا ۾ مذاق بڻجي ويندو ته اها ڪهڙي رياست آهي، جنهن جو سربراهه ان بل تي اعتراض اٿاري رهيو آهي ته هو ان جو سربراهه آهي. هنن چيو ته صدر کي ثبوتن سان ثابت ڪرڻو پوندو ته هو سچ ڳالهائي رهيو آهي، جيڪڏهن سندس دستخط کانسواءِ ڪو بل قانون ٺاهيو وڃي ته ذميوارن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي ڇاڪاڻ ته اهو رياست، آئين ۽ قانون جي توهين آهي. حامد مير جو چوڻ آهي ته هن بل جي معاملي ۾ هڪ شخص نه پر 3 کان 4 ماڻهو ملوث آهن ۽ جيڪي ماڻهو ان معاملي ۾ ملوث آهن اهي سڀ عام شهري نه آهن جنهن مان هن معاملي جي حساسيت جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو. سينيئر صحافي موجب صدر عارف علوي ان حوالي سان مشهور آئيني ماهر ۽ وڪيل سان صلاح مشورا ڪيا آهن ۽ عارف علوي پنهنجي عملي خلاف قانوني ڪارروائي ڪرڻ ۽ ان معاملي تي عدالت وڃڻ جو ارادو رکي ٿو.