صدر جي ڳالهه ڪيترن ئي سوالن کي جنم ڏنو آهي: ڪامران ٽيسوري

ڪراچي (ذوالفقار راڄپر ) سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽسوري چيو آهي ته صدر پاڪستان ڊاڪٽر عارف علوي پنهنجي ڳالھ جو خود  ذميوار آهي، هو پڙهيل لکيل شخصيت آهي پر سندس طرفان بلن تي صحيون نه ڪرڻ واري مسئلي ۽ ان ڳالهه کان بي خبر رهڻ واري ڳالهه سان ملڪ جي عزت کي ڇيهو رسيو آهي ۽ ان ڪري ڪيترن ئي سوالن جنم ورتو آهي. هن اها ڳالهه ڪراچي پريس ڪلب ۾ ڊيموڪريٽ برنا گروپ طرفان صحافين، سياستدانن ۽ سول سوسائٽي جي ميمبرن جي لاءِ ڏنل هڪ حليم پارٽي ۾ صحافين سان ڳالهائيندي چئي. ان موقعي تي ڪراچي پريس ڪلب جو صدر سعيد سربازي، ڊيموڪريٽ گروپ جي اڳواڻ فاضل جميلي، امتياز فاران، ڪراچي پريس ڪلب جو نائب مشتاق سهيل، ڪلب جي گورننگ باڊي جو ميمبر ذوالفقار راڄپر موجود هئا. سنڌ جي گورنر چيو هن سکر، لاڙڪاڻو ۽ نوابشاه ۾ يونيورسٽين جي قيام  ۽ شين جي اگهن ۾ من پسند ۽ غير قانوني واڌ تي سختي سان ڪنٽرول ڪرڻ ۽ جوابدارن کي سخت سزا ڏيڻ جي قانون تي صحيحون ڪري ڇڏيون آهن. گورنر چيو ته هو زمينن تي قبضا ڪندڙ مافيا ۽ بدامني ڦهلائيندڙن کي ڇوٽ نه ٿو ڏئي سگهي ۽ ميڊيا به اسان جي ڪارڪردگيءَ تي پنهنجي نظر رکندي اچي. ڪامران خان ٽسوري چيو ته اها ڪا سٺي ڳالهه نه آهي ته اسان هڪ يا ٻن ملين ڊالرن لاءِ ٻين کي وانجهائيندا رهون نئين آيل آءِ جي سنڌ پوليس کي گهٽين ۽ روڊن رستن تي وڌندڙ ڏوهن تي ڪنٽرول ڪرڻو پوندو ۽ عام شهرين کي تحفظ ڏيڻو پوندو. حليم پارٽي ۾ سنڌ جي سڌ سماءُ واري اڳوڻي وزير شرجيل ميمڻ ڳالهائيندي چيو ته ڪراچي شهر ۾ عورتن لاءِ الڳ پيلي بسون دنيا ۽ ان لاءِ عورت ڊرائيورن ۽ عورت ڪنڊڪٽرن جي نوڪرين جو تصور  ڪنهن به ترقياتي ملڪ ۾ به موجود نه آهي، پاڪستان پيپلزپارٽي حڪومت ۾ هجي يا نه هجي، ان جي صحافين ۽ ڪراچي پريس ڪلب سان دوستي ۽ سهڪار جاري رهندو حليم پارٽي ۾ عوامي نيشنل پارٽي جي اڳواڻ شاهي سيد، روزاني عوامي آواز اخبار جي چيف ايڊيٽر ڊاڪٽر جبار خٽڪ،  ميئر ڪراچي مرتضي وهاب پي پي اڳواڻ نثار کهڙو، روزاني پاڪ اخبار جي چيف ايڊيٽر چانڊيو، پاڪستان آرٽس ڪائونسل جي صدر احمد شاهه، پي ايف يو جي اڳواڻ اي ايڇ خانزادو، سني تحريڪ جو ثروت، مسلم لیگ ق اڳواڻ طارق احمد، مجاھد بريلوي ۽ ٻين صحافين، سياسي پارٽين جي نمائندن شرڪت ڪئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.