اسلام آباد(م ڊ) موٽر وي ايم-فور تي ڪراچي کان اسلام آباد ويندڙ مسافر بس ۾ پنڊي ڀٽيان ويجهو اوچتو باهه لڳي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ 19 ماڻهو ٿڏي تي فوت جڏهن ته 15 زخمي ٿي پيا. نيشنل هاءِ ويز اينڊ موٽر ويز پوليس طرفان آفيشل سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر ايڪس تي گذريل ڏينهن صبح جو جاري بيان ۾ ٻڌايو ويو ته موٽر وي ايم-فور تي انتهائي افسوسناڪ واقعو پيش آيو، جنهن ۾ ڪراچي کان اسلام آباد ويندڙ مسافر بس ۾ پنڊي ڀٽيان ويجهو باهه لڳي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ 16 ماڻهو ٿڏي تي سڙي فوت ٿي ويا، نيشنل هاءِ ويز اينڊ موٽر ويز پوليس فوري امدادي ڪارروائيون ڪندي 15 مسافرن کي ريسڪيو ڪري ويجهي اسپتال منتقل ڪيو آهي. انسپيڪٽر جنرل نيشنل هاءِ ويز اينڊ موٽر ويز پوليس سلطان علي خواجه واقعي واري هنڌ پهچي امدادي ڪارروائين جي نگراني ڪئي ۽ حادثي سبب قيمتي حياتين جي نقصان تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو. مقامي پوليس جي رپورٽ مطابق پنڊي ڀٽيان انٽرچينج تي ڊيزل سان ڀريل پڪ اپ گاڏي سان ٽڪرائجڻ کان پوءِ ڪوچ ۾ باهه لڳي وئي. ڊي پي او حافظ آباد ڊاڪٽر فهد ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ڪوچ ڪراچي کان اسلام آباد وڃي رهي هئي ته پنڊي ڀٽيان انٽر چينج ويجهو موٽر وي تي ڊيزل ٽينڪ سان ڀريل هڪ پڪ اپ سان ٽڪرائجي وئي، جنهن جي سبب ڪوچ کي باهه لڳي وئي. حادثي جي نتيجي ۾ 19 ماڻهو موقعي تي فوت جڏهن ته 15 زخمي ٿي پيا. فوتي ماڻهن جون ميتون ۽ زخمين کي ٽي ايڇ ڪيو اسپتال پنڊي ڀٽيان فيصل آباد منتقل ڪيو ويو آهي.