فاطمه جي شهادت پيرن مرشدن مان جند ڇڏائڻ جو دڳ ڏئي ڇڏيو: سماجي ردعمل

ڪراچي(عوامي آواز نيوز) معصوم فاطمه جي پوسٽ مارٽم رپورٽ کانپوءِ سوشل ميڊيا تي مريدن لاءِ جهنم بڻيل حويلي ٽاپ ٽرينڊ رهي، سينيئر عاجز جمالي لکيو ته راڻيپور واقعي ۾ پير اسد جي وحشيانيت سان  گڏ پيرن جي حويلين ۾ ٿيندڙ ظلمن تان به پردو کنيو آھي. ھڪ غريب جي نياڻي ته ظالم پير جي ھوس ۽ درندگي جو نشانو بڻجي شھيد ٿي وئي. سنڌي سماج کي پيراڻين حويلين جي باري ۾ ڪو رستو اختيار ڪرڻو پوندو. ڪا حڪمت عملي جوڙڻي پوندي،فضا پتافي بلوچ چيو ته اهو سوچي منهنجي دل ٽٽي ٿي، جڏهن فاطمه پنهنجي موت کان ڪجهه سيڪنڊ اڳ پنهنجي قاتل کي ڏسي رهي هئي، ان وقت هوءَ ڇا سوچي رهي هئي. شايد هوءَ اڃايل هئي، ساهه مان نڪرندڙ پاڻيءَ جي بوتل ڏانهن ڏسندي هئي،ليکڪ نصير ميمڻ چيو ته ڪو پير مرشد ٻڌايو جيڪو ڪنهن ڪاروبار، نوڪري يا ٻني ٻاري تي گذر ڪندو هجي. اهي سڀ اٻوجھن کي ٺڳي ٺٺ ٺانگر ڪن ٿا. سندن ٻنيون، حويليون ۽ بينڪ بيلنس سڀ عوام جي رت ست مان ٺهيل آهن. پير مرشد سماج تي چٽي آهن جن اٻوجهھ ماڻهن جا نسل برباد ڪري ڇڏيا. انهن رت پياڪ ڄورن مان سماج کي آجو ٿيڻ گهرجي،نصرت سحر عباسي چيو ته يا الله فاطمه جهڙي معصوم نياڻين سان زيادتي ڪرڻ وارن جو انجام عبرتناڪ بنا،ڊاڪٽر فوزيه چيو ته اسد شاهه جو اعتراف معاف ڪرڻ جوڳو ناهي،جيڪڏهن والدين دٻاءُ ۾ اچي ٺاهه ڪن ته رياست اسٽينڊ وٺي،دستگير ڀٽي لکيو ته سنڌجا سڄڻو! ياد رکوته فاطمـ نالي ھن معصوم ۽مظلوم نياڻيءَپنهنجي جان قربان ڪري سنڌمان پيري مريدي واري انسان دشمن سسٽم جي پاڙ پٽي ڇڏي آهي ، ھاڻي ظالم پيرن مرشدن ، مخدومن خلاف ايندڙ اليڪشن ۾خليفن چمچن ۽دلالن کي پادر ٺوڪي ڀڄائڻ اسان سڀني ساڃاھ وارن جوشرعي اخلاقي۽قومي فرض آهي

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.