متان وساريو …

تحرير: انور پيرزادو

¨ عوام ۾ ويسر جي بيماري پکيڙڻ اهڙن حڪمرانن جي ڪوشش هوندي آهي جيڪي عام ماڻهن کي ڍور ڍڳا سمجهندي مٿن راڄ ڪندا آهن.

¨ عوام جو حافظو ڪمزور ڪرڻ لاءِ ڪتابن جون لائبريريون ساڙيون وينديون آهن ۽ تاريخي ماڳ ميساريا ويندا آهن.

¨ پوءِ ڪتابن ۾ لکيو ويندو آهي ته، سنڌ جي تاريخ 711 ع کان شروع ٿي آهي جڏهن کان عرب جرنيل محمد بن قاسم سنڌ فتح ڪئي ھئي.

¨ ۽ پوءِ ڪوڙ ايڏو زور سان ۽ ايترو گهڻو ڳالهايو ويندو آهي جو ان لُڙ ۾ سچ ٻڌڻ ۾  ئي نه  ايندو آهي. هن وقت ترقيءَ جي نالي ۾ تباهي پکيڙيندي ڪراچي شهر جي وچ ۾ڏينهن ڏئي جو ائنٽي ڪويٽي ائڪٽ، واري قانون جي ڀڃڪڙي ڪندي، مورڙي ميربحرجي ڇهن ڀائرن جون قبرون ڊاٿيون ويون آهن.

¨ ۽ هوڏانهن سنڌ جي ٻهراڙين ۾ بيتاج بادشاهه وڏيرا فيل مست ٿيو قديم تاريخي دڙن کي بلڊوز ڪري اتي فصل پوکي رهيا آهن.

¨ بدين ضلعي جي ڊيلٽا ۾ روپا ماڙي، چنيسر جي قبر دودي سومري جو مقبرو، شيخ ڪرهيو جي مزار ۽ ستي جتي يوسف لنڊ جي مزار تي سامونڊي پاڻي روزانو چڙهي ۽ لهي، هنن قديم  آثارن کي نقصان پهچائي رهيو آهي.

¨ انڊس ڊيلٽا ۾ رتو ڪوٽ، جاکي بندر، ٿنڀن واري مسجد ۽ ٻيا ڪيترا قديم آثار ننڌڻڪا ٿيا پيا تباهه ٿين.

¨ ۽ قديمر آثارن جو وفاقي کاتو پنهنجي جان ڇڏاڻڻ لاءِ سنڌ صوبائي سرڪار کي چئي رهيو آهي ته  پنهنجا قديم آثار اسان کان وٺو پوءِ جاڏي وڻيو تاڏي ڪيو.

¨ سو متان وساريو ته موکيءَ جي مزار هيبت خان خاصخيلي نالي هڪ ننڍڙي ڳوٺ جي قبرستان ۾ ان جاءِ تي هئي جتي ڪي ڊي اي هينئر هڪ وڏو(تائيسر) نالي ٽائون تعمير ڪيو ويو آهي !!

(ڪتاب  متان وساريو تان ورتل)

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.