تڪراري بڻيل اڳوڻو آمريڪي صدر ٽرمپ  2024 جي چونڊ  وڙھي سگھندو ؟   

تڪرارن ۽ اسڪينڊلز ۾ ڦاٿل ڊونلڊ ٽرمپ جي ايندڙ آمريڪي صدارتي چونڊ وڙھي سگھڻ يا نھ وڙھي سگھڻ بابت بحث جاري آھي. ڊونلڊ ٽرمپ 100 جي لڳ ڀڳ فوجداري ۽ سول الزامن کي منهن ڏئي رھيو آھي. پر صدارتي چونڊ لاءِ  ريپبلڪن پارٽي کان نامزدگي حاصل ڪرڻ لاءِ ھو  سڀ کان اڳيان آهي.

ھن جي عوامي مقبوليت ۾ ڪا گهٽتائي نظر نٿي اچي، پر جيڪڏهن هو 2024ع ۾ آمريڪا جي صدارتي چونڊن لاءِ ريپبلڪن پارٽيءَ جو اميدوار بڻجي ٿو ته اها چونڊ ھو جيل مان وڙهندو يا ٽرمپ ٽاور مان ھن وقت آمريڪا ۾ ان سوال تي عام بحث جاري آھي.

آمريڪا جي تاريخ ۾ اڳ ائين نه ٿيو آهي ته ڪو ماڻهو ايترن ڪيسن کانپوءِ بھ صدارتي اميدوار بڻجي، پر ٽرمپ گهڻين روايتن کي ٽوڙيو آھي  ممڪن آھي تھ  هڪ ٻي روايت بھ ٽوڙي ڇڏي.

ٽرمپ تي الزام آهي ته ھن  هڪ فحش اسٽار کي زبان  بند رکڻ لاءِ رقم ڏيڻ کان  وٺي جارجيا جي رياست ۾ چونڊ نتيجن کي تبديل ڪرائڻ  جي سازش جھڙا ڪيئن الزام آھن.

هن وقت تائين هن تي 100 الزامن جا فرد جرم لاڳو ٿيا آھن. سمورن  الزامن ثابت ٿيڻ تي ھن کي 700 سالن تائين جيل جي سزا  اچي سگهي ٿي.

ٽرمپ کي ايندڙ چونڊن کان اڳ ڪنهن  ھڪ الزام ۾ سزا ملي بھ وڃي تھ پڻ کيس  اليڪشن وڙهڻ کان روڪي نٿو سگهجي، ڇاڪاڻ ته آمريڪا ۾ صدارتي چونڊ وڙهڻ لاءِ فقط ٽي شرط آهن: ھڪ عمر گهٽ ۾ گهٽ 35 سال،ٻيو ، آمريڪي ڄائو هجڻ،ٽيون ،14 سالن کان  آمريڪا ۾ مستقل رهندڙ ھجي.

ھن جي مقبوليت جا ڪيترا ئي سبب آھن، ڊونلڊ ٽرمپ لاءِ سال 2023 انتهائي اهم آهي ڇو ته هو نه رڳو صدارتي ٽڪيٽ لاءِ مهم هلائي رهيو آهي پر آمريڪي تاريخ جو پهريون صدر پڻ آهي جنهن تي فراڊ سميت ڪيترن ئي ڪيسن ۾ فرد جرم لاڳو آهي.

ٽرمپ کي آمريڪا جي اندر ۽ ٻاهر پنهنجي خيالن جي سخت تنقيد جو نشانو بڻايو ويو آهي. پوءِ ڪهڙو سبب آهي جو بظاهر سندن مقبوليت ۾ ڪا خاص گهٽتائي نه آئي آهي؟

واشنگٽن جي هڪ ٿنڪ ٽينڪ ”ڪيٽو انسٽيٽيوٽ “جي سحر خان بي بي سي اردو جي پروگرام سربين ۾ ڳالهائيندي چيو ته ”مان نه ٿي سمجهان ته هن جي حمايت ڪمزور  ٿيندي “ هوءَ چوي ٿي. سندس ريپبلڪن پارٽيءَ ۾ به ڪيترائي حامي آهن جيڪي ڊونلڊ ٽرمپ جا حامي سڏائين ٿا،اهي ٽرمپ جي حمايت ڪن ٿا  پارٽي جي حمايت نٿا ڪن. انهن حامين جي ذهنن ۾ آهي ته ٽرمپ ڪو به غلط ڪم نٿو ڪري سگهي. هنن جو خيال آهي ته ٽرمپ هميشه آمريڪا لاءِ ڪم ڪيو آهي، آمريڪا جي جمهوريت لاءِ ڪم ڪيو آهي. انهن جو خيال آهي ته اهي ڪيس صرف ان ڪري ٺاهيا پيا وڃن ته ماڻهو ٽرمپ جي خلاف آهن.“

ٽرمپ جي سياسي زندگي ڪافي دلچسپ آهي. ريئل اسٽيٽ ٽائيڪون ڊونلڊ ٽرمپ ريفارم پارٽي جي پليٽ فارم تان جون 2000ع ۾ صدارتي اليڪشن وڙهڻ جي پهرين ڪوشش ڪئي.

جون 2015ع ۾ ٽرمپ نيويارڪ مان ريپبلڪن پارٽي جي صدارتي ٽڪيٽ لاءِ مهم شروع ڪئي ۽ جولاءِ تائين سڀني اڳڪٿين جي برخلاف ريپبلڪن پارٽي جي صدارتي ٽڪيٽ کٽي ورتي.انتھائي قابل ۽ تجربيڪار ھيلري ڪلنٽن کان چونڊ کٽي ورتي. نومبر 2016ع ۾ ڊونلڊ ٽرمپ آمريڪا جو 45 هون صدر ٿي ويو.چار سالن جي بحران،افراتفري ۽ تڪرار کانپوءِ ٽرمپ 2020 جي اليڪشن کٽي نه سگهيو، پر هن نتيجن کي تڪراري بڻائڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي.جنوري 2021 ۾، سندس حامي آمريڪي ڪانگريس جي عمارت تي حملو ڪيو. ٽرمپ مٿان انهن ماڻهن کي بغاوت لاءِ ڀڙڪائڻ جو الزام آھي.

آمريڪا جو ’ٽرمپ ڪيس‘ بلڪل منفرد آهي. ھي آمريڪا جي 400 سال پراڻي جمهوري روايتن سان ٽڪرائيندڙ آھي. ھوآمريڪي اسٽيبلشمينٽ لاءَ وڏو چئلينج آھي.

سحر خان جو چوڻ هو ته ڊونلڊ ٽرمپ آمريڪي نظام سياست ۽ جمهوريت لاءِ چيلنج آهي . ان جو وڏو سبب اهو آهي ته آمريڪا جي تاريخ ۾ ڪڏهن به ائين نه ٿيو آهي ته چونڊ نتيجن کي قبول نه ڪيو ويو هجي.  ٽرمپ آمريڪي سياست جو اھڙو ڪردار آهي، جيڪو سياست جي ڪافي اصولن کي نٿو مڃي.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.