ايمان کي ڪپڙا بدلائڻ به نه ڏنا ويا، فاشزم آهي: شيرين مزاري

اسلام آباد( م ڊ) شيرين مزاري دعويٰ ڪئي هئي ته پوليس ۽ سادا ڪپڙا پهريل ماڻهو ايمان مزاري کي گهران اغوا ڪري کڻي ويا . سماجي  رابطن جي ويب سائيٽ ايڪس تي جاري ڪيل بيان ۾ سندس چوڻ هوته اهلڪارن سڄي گهر ۾ هيڏي هوڏي ڦرندا رهيا، ايمان پنهنجي ڪمري ۾ ستل هئي، اهلڪارن کيس ڪپڙا بدلائڻ به نه ڏنا. شيرين مزاري پنهنجي پوسٽ ۾ لکيو ته عورت پوليس اهلڪارن ۽ سادا ڪپڙا پهريل اهلڪار اسان جون سيڪيورٽي ڪيمرائون، ايمان جو ليپ ٽاپ ۽ فون به کڻي ويا آهن. شيرين مزاري جو چوڻ هوته گهر ۾ رڳو ٻه عورتون رهنديون آهيون، اسان کي گرفتاري وارنٽ به نه ڏيکاريا ويا. هي رياست جي فاشزم آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.