ھندستان جي تھاڙ جيل ۾ سالن کان قيد ڪشميري عليحدگي پسند اڳواڻ محمد ياسين ملڪ جي زال کي پاڪستان جي نگران حڪومت ۾ انساني حقن بابت وزيراعظم جو خاص مددگار مقرر ڪيو ويو آهي، جنهن تي کيس سخت تنقيد جو نشانو بڻايو پيو وڃي.
ھندستان جي حڪمران جماعت بي جي پي جي قومي جنرل سيڪريٽري ۽ ڄمون ۽ ڪشمير جي انچارج ترون چگ جمعي تي پاڪستان تي تنقيد ڪندي چيو آهي ته عليحدگي پسند اڳواڻ ياسين ملڪ جي گهر واري مشعال ملڪ کي پاڙيسري ملڪ ۾ وزير بڻائڻ ان حقيقت جي علامت آهي ته ”پاڪستان دهشتگردي ۽ دهشتگردن کي پناهه ڏئي رهيو آهي“.
ياسين ملڪ ڄمون ڪشمير لبريشن فرنٽ (JKLF) جو چيئرمين آهي.ڪشمير ڄائي مشعال پاڪستاني شهري آهي. هن 2009 ۾ ياسين ملڪ سان شادي ڪئي. پاڪستان ۾ شادي جو جشن وڏي جوش ۽ جذبي سان ملهايو ويو ھو ۽ ھندستان ۾ ان تي تنقيد ڪئي وئي ھئي.مشعال جي لفظن ۾سندس جوڙي ھڪ مثالي ۽ مڪمل رومانوي جوڙي آھي.
مشعال هڪ مشهور پاڪستاني اقتصاديات جي ماھر جي ڌيءَ آهي ۽ پاڻ لنڊن اسڪول آف اڪنامڪس جي گريجوئيٽ آهي.هوءَ هڪ مصور ۽ شاعره به آهي. هوءَ 11 سالن جي ڌيءَ رضيه سلطانه جي ماءُ آهي. هو پاڪستان توڙي سڄي دنيا ۾ ڪشمير جو آواز آهي.
مشعال اسلام آباد ۾ رهي ٿي. هوءَ ڀارتي جيل مان پنهنجي مڙس ياسين ملڪ جي آزادي لاءِ ڀرپور مهم هلائي رهي آهي.
بي بي سي کي ڏنل هڪ انٽرويو ۾ هن ٻڌايو ته سندس ياسين ملڪ سان آخري ڀيرو 2019 ۾ ڳالهه ٻولهه ٿي هئي، ڀارتي حڪومت طرفان ڪشمير جي خاص حيثيت ختم ڪرڻ کان هڪ ڏينهن اڳ اھا ڳالھه ٻولهه ٿي ھئي.
مشعال جو چوڻ آهي ته ياسين بي خوف آهي. ھن جي اھا خوبي مون کي گهڻي سگھھ ڏئي ٿي ۽ مان هن جي زال جي حيثيت ۾ واقعي پاڻ کي خوش قسمت سمجھان ٿي. جيتوڻيڪ مون هن سان گهٽ وقت گذاريو آهي، پر مان محسوس ڪريان ٿي ته مان دنيا جي خوش قسمت ترين عورت آهيان“هن وڌيڪ چيو ته” هو نه رڳو منهنجو مڙس پر منهنجو رھنما به آهي. هو منهنجو پيار آهي، منهنجو روح آھي“.
مشعال حسين ملڪ کي پاڪستان جي نگران حڪومت ۾ وزيراعظم جو انساني حقن ۽ عورتن کي بااختيار بڻائڻ واري کاتي بابت خاص صلاحڪار مقرر ڪيو ويو آهي. سندس ان عهدي تي مقرري بابت پاڪستان ۾ مثبت ردعمل آيو آهي.
سياسي مبصر سهيل وڙائچ ان مقرري کي علامتي ۽ اهم قرار ڏئي ٿو.سندس چوڻ آھي تھ مشعال پنهنجي مڙس لاءِ آواز اٿارڻ جي جرئت ڪئي آهي. "هن جو تعلق انساني حقن جي مسئلن سان ذاتي آهي، تنهنڪري هي هڪ بهترين مقرري آهي جنهن کي واکاڻڻ گھرجي“
صحافي حامد مير جو چوڻ آهي ته ”پاڪستان جي سمورن علائقن ۽ صوبن جي ماڻهن کي عبوري حڪومت ۾ نمائندگي ڏني وئي آهي. مشعال ڪشمير جي علامت آهي. هن ڪابينا ۾ اڪثر وزير ۽ صلاحڪار ٽيڪنوڪريٽ آهن ۽ اهي مقرريون سياسي نه آهن. اهو هڪ عبوري بندوبست آهي ۽ ان جو واحد مقصد عام چونڊون ڪرائڻ آهي. ۽ انهن جو مقصد صرف روزمره جي معاملن کي هلائڻ آهي.“
پر سهيل وڙائچ جي نظر ۾ مشعال جي مقرري جي واضح سياسي معنيٰ آھي .اھو ھندستان لاءِ پيغام آهي ته ڪشمير کي نه وساريو ويو آهي. ان مان ظاهر ٿئي ٿو ته پاڪستان مشعال جي آواز جي حمايت ڪري ٿو. اها ان آواز جي علامت آھي جيڪو ھوءَ پنھنجي مڙس جي انصاف ڀرئي ٽرائل ۽ هندستاني حڪومت جي سامھون پنھنجي مڙس جي آزادي جي لاءِ اٿاريندي رھي آھي“
مشعال جي ملاقات ياسين ملڪ سان 2005 ۾ اسلام آباد ۾ ٿي. ان وقت ياسين ملڪ پاڪستان جي دوري تي هو. ٻنھي کي ھڪ ٻئي سان پيار ٿي ويو، ھنن شادي ڪئي.مشعال پنهنجي مڙس کان 20 سال عمر ۾ ننڍي آهي.جيل ۾ قيد مڙس سان ملڻ لاءِ مشعال گذريل پنجن سالن کان ڀارتي حڪومت کان ويزا گهري رهي آهي. 2014ع کان ھن وقت تائين هوءَ پنج دفعا هندستان جو دورو ڪري چڪي هئي.هن پنهنجي شادي شده زندگي جو گهڻو حصو پاڪستان ۾ اڪيلي گذاريو آهي. هوءَ پنهنجي ڌيءَ کي اڪيلي پالي رهي آهي.پنهنجي مڙس وانگر هوءَ به ڪشمير مسئلي جي حل لاءِ پرعزم آهي. پر تجزيه نگار اعجاز سيد جو چوڻ آهي ته مشعال ۽ ياسين ملڪ جا ڪشمير بابت نظريا مختلف آهن ياسين ملڪ آزاد ڪشمير جي ڳالهه ڪري ٿو، جڏهن ته مشعال ڪشمير کي پاڪستان جو حصو قرار ڏئي ٿي.