ڪراچي (ويب ڊيسڪ)معيشت جي ماهر ڊاڪٽر قيصر بنگالي ڪارپوريٽ فارمنگ منصوبي کي غلط قرار ڏئي ملڪ توڙي فصلن جي مقامي جنسن ۽ ننڍي آباگارن، هاري توڙي مزدورن لاءِ خطرناڪ قرار ڏئي ڇڏيو.
ڊاڪٽر قيصر بنگالي چيو آهي ته ڪارپوريٽ فارمنگ جا ڄاڻايل منصوبي ۾ ڪيتريون ئي غلطيون آهن جنهن جي ڪري ملڪ ۾ زرعي شين جي کوٽ ٿي پيدا ٿي سگهي ٿي ۽ اهو منصوبو هارين لاءِ الميو به بڻجي سگهي ٿو.
ياد رهي ته هن سال جي شروعات ۾ پنجاب جي نگران ڪابينا سي پيڪ تحت ڪارپوريٽ فارمنگ جي لاءِ قائدن ۽ قانونن جي منظوري ڏني هئي جن موجب پنجاب جي پنج ضلعن ۾ لڳ ڀڳ هڪ لک ستاويهه هزار ايڪڙ زمين ڪارپوريٽ فارمنگ جي لاءِ فراهم ڪئي ويندي ۽ اها زمين وڌ ۾ وڌ ٽيهه سالن تائين فراهم ڪئي ويندي.
پاڪستاني فوج جي ماتحت ڪمپني فوجي فوڊز ملڪ ۾ خوراڪ جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ ۽ برآمدي منڊي کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ ڪارپوريٽ ايگريڪلچر فارمنگ ۾ ڪيترن ئي اربين رپين جي سيڙپڪاري جو اعلان ڪيو هو.
فوجي فوڊز موجب انهن جو مقصد ملڪ جي مختلف ضلعن ۾ ڪڻڪ ۽ ڪپهه جي پوکائي لاءِ ڪارپوريٽ فارمز کي هڪ لک ايڪڙن تائين ڦهلايو وڃي
ڊاڪٽر قيصر بنگالي جو چوڻ هو ته ڪارپوريٽ فارمنگ ننڍي آبادگارن ۽ هارين کي ختم ڪري ڇڏيندي ڇو ته اهي محدود وسيلن جي ڪري وڏي ڪمپنين جو مقابلو نه ڪري سگهندا. ان منصوبي جي ڪري وڏي زميندارن کي به نقصان ٿيندو.
معيشت جي ماهر ڊاڪٽر جو چوڻ هو ته اسانکي عالمي مطالعو ٻڌائي ٿو ته جٿي به ڪارپوريٽ فارمنگ شروع ڪئي ويندي آهي اتي زرعي جنسن تي خانگي شعبي هڪ هٽي قائم ٿي ويندي آهي جڏهن ته هارين ۽ مزدورن جي هٿ ڪجهه به ناهي ورندو.
هن چيو ته اهي مزدور جيڪي ڪڻڪ جي فصل تي ڪم ڪري رهيا آهن پنهنجي لاءِ ڪڻڪ نه کڻي وٺي سگهندا ڇو ته سڀ ڪجهه خانگي ڪمپني کڻي ويندي.
هن خدشن جو اظهار ڪندي چيو ته اهو منصوهو پاڪستان ۾ خوراڪ جي کوٽ جو سبب به بڻجي سگهي ٿو ۽ ان جي ڪري فصلن جي پوکائي ۽ ڪٽائي جي وقت ۾ به خلل پئجي سگهي ٿو.
سندس چوڻ هو ته پرڏيهي ڪمپنيون اهڙي فصلن جي پوکائي کي ترجيح ڏينديون جن کي انهن جي ملڪن ۾ گهرج ۽ ترجيح گهڻي هوندي جنهن جي ڪري مقامي جنسن جي پيداوار ۾ خطرناڪ حد تائين گهٽتائي اچي ويندي.
هن موجب ايندڙ ڏينهن ۾ ملٽي نيشنل ڪمپنين جا مينيجر اهي فيصلا ڪندا ته صدر ۽ وزيراعظم ڪنهن ڪرڻو آهي.