هندو ڇوڪري سان شادي، مسلمان نوجوان جا والدين قتل

اتر پرديش (ويب ڊيسڪ) ڀارت ۾ هڪ مسلمان نوجوان شوڪت عباس هندو ڇوڪري سان شادي ڪري ڇڏي ۽ قتل جي ڊپ کان فرار ٿي ويو جنهن تي شوڪت جي پيرسن والدين تي تشدد ڪري کين قتل ڪيو ويو.

ڀارتي ميڊيا موجب پيرسن مسلمان جوڙي کي قتل ڪرڻ جو واقعو اتر پرديش جي علائقي سيتاپور ۾ پيش آيو. مسلم پيرسن جوڙي کي پاڙيسرين تشدد جو نشانو بڻائي قتل ڪري ڇڏيو.

مقتول جوڙي جو پٽ شوڪت عباس پاڙيسري هندو ڇوڪري روبي سان محبت ڪندو هو ۽ هوءَ به شوڪت سان شادي ڪرڻ چاهيندي هئي پر والدين ۽ برادري جي ڊپ کان پريشان هئا.

شوڪت عباس 2020ع ۾ ڇوڪري سان نڪاح ڪيو ۽ راتون رات ٻئي گھر ڇڏي هليا ويا. ڇوڪري جي عمر ننڍي هجڻ سبب پوليس نوجوان کي گرفتار ڪري ورتو ۽ نڪاح رد ڪري ڇڏيو.

ٻن سالن بعد شوڪت عباس آزاد ٿي ويو ۽ پريمي جوڙو وري ملاقاتون ڪرڻ لڳو. هن ڀيري ڇوڪري بالغ ٿي چڪي هئي. ٻنهي مرضي سان ٻيهر شادي ڪري ڇڏي ۽ پوءِ گھران ڀڄي ويا جنهن تي روبي جي والدين ڪاوڙ ۾ اچي شوڪت جي گھر تي حملو ڪري ڏنو.

ڇوڪريءَ جي والدين شوڪت جي پيرسن والدين کي ڏنڊن، سلاخن ۽ لٺين سان بيدردي سان ماريو. گھڻو رت وهڻ سبب شوڪت جا والدين ٿڏي تي ئي مارجي ويا.

پوليس شوڪت عباس جي والدين جي قتل جي الزام هيٺ روبي جي والدين ۽ ڀاءُ کي حراست م ورتو جڏهن ته ٻه جوابدار فرار ٿي ويا آهن جن جي ڳولا لاءِ پوليس ڇاپا هڻي رهي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.