اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) سائفر ڪيس ۾ اڳوڻي پرڏيهي وزير ۽ تحريڪ انصاف جي وائس چيئرمين کي هڪ ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو .
سائفر ڪيس ۾ گذريل ڏينهن گرفتار ڪيل پي ٽي آءِ اڳواڻ شاهه محمود قريشي کي ايف آءِ اي طرفان ڊسٽرڪٽ مئجسٽريٽ احتشام عالم جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو.
شاهه محمود قريشي خلاف آرمي ايڪٽ تحت ڪيس داخل هئڻ سبب ڪيس جي اِن ڪيمرا ٻڌڻي ٿي ۽ ڌرين جا دليل ٻڌڻ کانپوءِ عدالت شاهه محمود قريشي کي هڪ ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي ايف آءِ اي جي حوالي ڪري ڇڏيو.