دنيا جي سڀ کان مهانگي گاڏي جي دنگ ڪري ڇڏيندڙ قيمت

مٿي موجود گاڏي جي تصوير کي ڏسي اوهان اندازو لڳائي سگھو ٿا ته ان جي قيمت ڪيتري هوندي؟

برطانوي ڪمپني جي تيار ڪيل La Rose Noire Droptail نالي گاڏي دنيا جي مهانگي ترين گاڏي جو اعزاز پنهنجي نالي ڪري ورتو آهي.

1930ع جي ڏهاڪي جي تيز رفتار شاهاڻين ٻيڙين مان متاثر 2 درن ۽ ٻن سيٽن واري ان گاڏي جي قيمت دنگ ڪري ڇڏيندڙ آهي.

ڪمپني طرفان ڪو واضح اعلان ته ناهي ڪيو ويو پر هڪ ڪاٿي موجب ان گاڏي جي قيمت 3 ڪروڙ ڪروڙ ڊالرز (8 ارب 88 ڪروڙ پاڪستاني رپين کان وڌيڪ) هوندي.

ان گاڏي جا رڳو 4 يونٽ تيار ڪيا ويندا ۽  هر هڪ کي واهپيدارن جي مرضي موجب ڊزائين ڪيو ويندو.

ان گاڏي جي تياري ۾ 5 ورهيه لڳا ۽ ان ۾ لڳل 6.7 ليٽروي 12 انجھن 593 هارس پاور فراهم ڪري ٿي.

ڪاري ۽ ڳاڙهي رنگن جي ميلاپ واري ان گاڏي جي اندر جي ڊزائين گلاب جي پنن سان ملندڙ جلندڙ آهي.

ان گاڏي جي پهرين يونٽ کي ڪندڙن جي سڃاڻپ ته ظاهر ناهي ڪئي وئي پر اهو ٻڌايو ويو ته اهي گھڻا امير زال مڙس آهن.

ان گاڏي کي ڪيليفورنيا ۾ Monterey  ڪار ويڪ دوران متعارف ڪرايو ويو هو ۽ ڪمپني موجب ان واهپيدار جي راءِ کي نظر ۾ رکندي ڊزائين ڪيو ويو آهي.

اها گاڏي 5 سيڪنڊن ۾ 0 کان 62 ميل في ڪلاڪ جي رفتار پڪڙي سگھي ٿي جڏهن ته گڏيل طور تي اها 155 ميل في ڪلاڪ جي رفتار سان سفر ڪري سگھي ٿي.

ان کان اڳ دنيا جي سڀ کان مهانگي ڪار جو اعزاز Boat Tai وٽ هو جيڪو مئي 2021ع ۾ متعارف ڪرايو ويو هو جنهن جي قيمت 2 ڪروڙ 80 لک ڊالرز کان وڌيڪ هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.