پنهنجي مرضي جا ڪپڙا پاتم ته ماڻهو ماري ڇڏيندا: عفت عمر

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان جي سينيئر اداڪارا عفت عمر عرفي جاويد جي فيشن سينس تي ڳالهائيندي چيو ته آئون جيڪڏهن پنهنجي مرضي جو فيشن ڪري نڪران ته ”لاهور“ مون کي قتل ڪري ڇڏي.

عفت عمر تازو ئي هڪ شو ۾ شريڪ ٿي هئي جنهن دوران ميزبان محسن حيدر هن کان ڀارتي مادل عرفي جاويد جي فيشن سينس بابت سوال ڪيو؟

ميزبان جي سوال تي عفت عمر جو چوڻ هو ته عرفي جو فيسن سندس پنهنجي مرضي آيه پر اهو منهنجي طرز جو فيشن ناهي ان ڪري آئون ان فيشن کي قبول نه ڪنديس پر آئون هن جي فيشن سينس جي برائي به ڇو ڪريان؟

اداڪارا جو چوڻ هو ته فيشن لاءِ ڪي به حدون عام انسان نٿو چونڊي سگھي، ڪو به انسان فيشن لاءِ صحيح ۽ غلط ٿيڻ جي دعويٰ نٿو ڪري سگھي.

عفت عمر جو اهو به چوڻ هو ته جيڪڏهن ۾ پنهنجي مرضي موجب فيشن شروع ڪري ڇڏيان ته لاهور وارا قتل ڪري ڇڏين، جيڪڏهن اوهان پنهنجي تياري تي مطمئن آهيو ته اوهان خوش رهو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.