ثانيا سان شادي وقت ئي شعيب کي چيو ته پٽ ڏاڍو برو ڦاٿو آهين، فردوس عاشق جو انڪشاف

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) اڳوڻي وفاقي وزير ۽ استحڪام پاڪستان پارٽي جي ترجمان فردوس عاشق اعواڻ قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي اسٽار آل رائونڊر شعيب ملڪ جي شادي بابت خيالن جو اظهار ڪيو آهي.

فردوس عاشق اعواڻ هڪ نجي ٽي وي چئنل جي هڪ پروگرام۾ شرڪت ڪئي، جنهن دوران هن پنهنجي سياسي زندگي سميت نجي زندگي تي تفصيلي گفتگو ڪئي.

پروگرام دوران هن ٻڌايو ته شعيب ملڪ جي شادي تي هن سونو تاج ڪرڪيٽر کي تحفي ۾ ڏنو هو، هن وڌيڪ ٻڌايو ته شعيب جنهن ڪلب کان ڪرڪيٽ جي شروعات ڪئي اِها منهنجي عزيز جي هئي، هن کي شعيب کي شعيب ملڪ بڻايو، ڪرڪيٽر وٽ ڪِٽ نه هوندي هئي.

اڳوڻي وفاقي وزير چيو ته جڏهن شعيب ملڪ جي شادي ٿي، تڏهن هن ضد ڪيو ته اوهان مون سان گڏ ڀارت هلندئو.

فردوس عاشق موجب، جڏهن اسان ڀارتي شهر حيدرآباد سندس ساهرن وٽ پهتاسين ته پهرين ڏينهن مون شعيب ملڪ جي ڪن ۾ اِهو چئي ڇڏيو هو ته پٽ ڏاڍو برو   ڦاٿو آهين، ڇو جو جيڪا اتان جي صورتحال هئي، جيئن ته ٻنهي جي محبت جي شادي هئي تنهنڪري ٻنهي گهڻو ڪمپرومائز ڪيو، هنن حيدرآباد يا سيالڪوٽ ۾ رهڻ بدران دبئي کي پنهنجو ٺڪاڻو بڻايو.

هن چيو ته شعيب ملڪ وڏي ايڊجسٽمينٽ جي ڪوشش ڪئي پر جيڪو مان اتي ڏسي آئي هيس، مون کي خبر پئجي وئي هئي ته جيستائين محبت جو جن سوار آهي اِهو رشتو قائم رهندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.