ڊگھي عرصي کان مختلف ڪمپنين طرفان 200 ميگا پڪسل ڪيمرا سان ليس سمارٽ فون پيش ڪيا پيا وڃن.
پر هاڻ 200 ميگا پڪسل ڪيمرا جو زمانو پڄاڻي جي ويجهو آهي ڇو جو 320 ۽ 440 ميگا پڪسل ڪيمرا به جلد سمارٽ فونز جو حصو بنجي سگھن ٿا.
اينڊرائڊ اٿارٽي جي هڪ رپورٽ موجب هڪ ڏکڻ ڪورين ڪمپني طرفان 440 ميگا پڪسل ايڇ يو 1 سينسر ۽ 320 ميگا پڪسل ڪيمرا سينسر جي تياري تي ڪم ڪيو پيو وڃي.
رپورٽ ۾ اهو ناهي ٻڌايو ويو ته 440 ميگا پڪسل ڪيمرا سمارٽ فونز ۾ استعمال ٿيندي يا نه، پر اها ڪمپني ڪجهه سال اڳ چئي چڪي آهي ته هو انساني اک جي ريزولوشن جيتري ڪيمرا سينسرز کي متعارف ڪرائڻ چاهين ٿا.
پر 320 ميگا پڪسل ڪيمرا ضرور سمارٽ فونز جو حصو بڻجدي ۽ ائين 2 سالن تائين ممڪن هوندو.
اڃا تازو ئي هڪ موبائل فون پراسيسر ۾ 320 ميگا پڪسل ڪيمرا سپورٽ فراهم ڪئي وئي هئي.
اهو واضح آهي ته 200 ميگا پڪسل ڪيمراز کان پوءِ 320 ميگا پڪسل ڪيمرا ئي سڀ کان پهرين سمارٽ فونز جو حصو بڻجدي.
اها نئين ڪيمرا امڪاني طور تي باءِ ڊيفالٽ 80 ميگا پڪسل جي تصوير ڪڍي سگھندي.
هونئن اهو ڄاڻي وٺو ته گھڻن ميگا پڪسلز جي موجودگي جو مطلب سدائين سٺي تصوير ڪڍڻ ناهي هوندو، پر پوءِ به 320 ميگا پڪسل کي نظر انداز ڪرڻ گھڻو ڏکيو هوندو.