فاطما ڦرڙو جي پوسٽ مارٽم رپورٽ پڌري ٿيڻ کانپوءِ حويلي ويران

راڻيپور ( ويب ڊيسڪ ) فاطما ڦرڙو جي پوسٽ مارٽم رپورٽ بابت ٻڌي پير جي حويلي جا سڀ ملازم فرار ٿي ويا آهن، جڏهن ته ليبارٽري مان جزن جي رپورٽ اچڻ باقي آهي.

فاطما ڦرڙو جو ميڊيڪل چيڪ اَپ لاءِ جوڙيل بورڊ ٻارڙي سان جنسي زيادتي جي تصديق ڪئي، تنهن کانپوءِ حويليءَ جا ملازم روپوش ٿي ويا آهن، جڏهن ته پوليس پاران وڌيڪ گرفتارين جو امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي.

ذريعن موجب، ڪيس ۾ ٻيا به ڪيترائي نالا شامل ڪري سگهجن ٿا ۽ جاچ جو دائرو وڌايو ويو آهي.

ٻئي پاسي پوليس ۽ رينجرز جو سائرن وڄائيندڙ گاڏيون ڏسي حويلي سميت سڀني پيرن کي کٽڪو وٺي ويو، ڪي ڪراچي ته ڪي بلوچستان فرار ٿي ويا، جڏهن ته حويلي جي ملازمن جو به ڪو پتو پئجي ناهي سگهيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.