واٽس ايپ 2023ع جو هڪ وڏو فيچر مئي ۾ متعارف ڪرايو هو جنهن کان پوءِ ڪنهن به ميسيج کي ڊليٽ ڪرڻ ضرورت ناهي رهي.
ميسيج ايڊٽنگ فيچر متعارف ڪرائيندي ڪمپني جو چوڻ هو ته اسان واهپيدارن کي سندن چيٽ جي حوالي سان وڌيڪ ڪنٽرول فراهم ڪري رهيا آهيون ۽ هاڻ ميسيج ۾ اسپيلنگ جي غلطي کي درست ڪري سگھنداسين يا ان ۾ وڌيڪ لفظن جو اضافو ڪري سگھنداسين.
ان کي استعمال ڪرڻ لاءِ تصويرون، وڊيوز يا فائلز کي موڪلي 15 منٽن اندر جي ڪيپشن کي ايڊٽ ڪرڻو پوندو.
پر هيل تائين رڳو ٽيڪسٽ ميسيجز کي ايڊٽ ڪرڻ ممڪن هو، فوٽوز، آڊيو يا وڊيو جي ڪيپشن کي ايڊٽ نه ڪري سگھبو هو.
هاڻ ڪمپني خاموسي سان ان فيچر کي اڳ به وڌيڪ بهتر بڻائي ڇڏيو آهي.
واهپيدار ان نئين فيچر جي مدد سان هاڻ ميڊيا فائلز جي ڪيپشن ميسيج کي به ايڊٽ ڪري سگھندا.
اهو فيچر اينڊرائيڊ ۽ آءِ او ايس ڊوائسز لاءِ متعارف ڪرايو ويو آهي.
ان کي استعمال ڪرڻ لاءِ تصويرون، وڊيوز يا ٻين فائلز کي موڪلي 15 منٽن جي اندر ان جي ڪيپشن کي ايڊٽ ڪرڻو پوندو.
ان نئين تبديلي سان واٽس ايپ واهپيدارن کي ميڊِيا فائلز وارا ميسيجز موڪلڻ بعد ان جي ڪيپشن ۾ موجود غلطين کي درست ڪرڻ جو موقعو ملي سگھندو.
جيڪڏهن ايپ اپ ڊيٽ ڪرڻ باوجود اڃا ميڊيا فائلز وارا ميسيجز جي ڪيپشن جي ايڊٽ جو آپشن نظر ناهي اچي رهيو ته ڪجهه انتظار ڪريو، ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ اهو فيچر سڀني واهپيدارن کي دستياب هوندو.