اسد عمر جي گرفتاري بابت ايف آءِ اي جو اهم بيان

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) ايف آءِ اي اسد عمر کي گرفتار ڪرڻ جي ترديد ڪندي چيو آهي ته اسان کيس گرفتار ناهي ڪيو.

پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳوڻي اڳواڻ کي اسلام آباد مان گرفتار ڪرڻ جا اطلاع سامهون آيا آهن، خبرون آهن ته کيس سائفر ڪيس گرفتار ڪيو ويو آهي.

ميڊيا رپورٽن موجب، اسد عمر کي ايف آءِ ايف طرفان سائفر ڪيس ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي.

ٻئي پاسي ايف آءِ اي اختيارين پي ٽي آءِ اڳواڻ اسد عمر کي گرفتار ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي.

ايف آءِ اي جي سينيئر آفيسر چيو آهي ته اسد عمر کي ايف آءِ اي گرفتار ناهي ڪيو، اسد عمر، اعظم خان سميت ٻين ماڻهن جي ڪردار جو تعين پڇا ڳاڇا دوران ٿيندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.