اسان جي سنڌو ماٿري ۾ هر دور ۾ عظيم شخصيتون پيدا ٿينديون رهيون آهن جن پنهنجي شاندار ڪاوشن ،جاکوڙ ۽ جدوجهد سان پنهنجي ڌرتي جو نالو روشن ڪيو آهي، اهي عظيم شخصيتون پنهنجي فطري ڄمار پوري ڪري اسان کان هميشه جي لاءِ موڪلائي وينديون آهن پر انهن جو نالو تاريخ جي ورقن ۾ سدائين جرڪندو آهي.
سائين حبيب الله لاکو به اسان جي گهوٽڪي جي اهڙين عظيم شخصيت طور اسان جي دلين ۾ نه صرف مشعل وانگر روشن آهي پر انهي مشعل جي لاٽ گهوٽڪي جي هر گهر ۾ موجود آهي، ڇاڪاڻ ته سائين 1960 واري زماني کان وٺي تعليمي ميدان ۾ پير پاتو ۽ پنهنجي سموري ڄمار انهي فيلڊ ۾ گذاري ڇڏي، سائين حبيب الله لاکو پنهنجي جانفشاني، جاکوڙ ۽ روح جي سچائي سان جيڪا محنت ڪئي ۽ انگريزي ٻولي ۾ انهي دور ۾ جيڪو عبور حاصل ڪيو ۽ پاڻ چاهن ها ته پنهنجي قابليت جي بنياد تي ڪنهن تمام وڏي سرڪاري منصب تي پهچڻ انهن لاءِ ڪو مسئلو ئي نه هيو پر انهن جي ذهن ۽ دل ۾ جيڪا علم جي اڃ ۽ انهي جي تڙپ هئي، انهيءَ کين قابو ڪري ڇڏيو، سائين جي قابليت انهي کاتي ۾ به ايتري هئي جو پاڻ آساني سان ڊائريڪٽر جي منصب تي پهچي وڃن ها پر انهن وٽ پنهنجي ذاتي مفادن بدران قومي مفاد عزيز هو ۽ انهن اهو عزم ڪري ڇڏيو هو ته سنڌ جهڙي پوئتي پيل ۽ غربت جي گهاڻي ۾ پيسجندڙ ڌرتي جي ٻارڙن کي وڏن منصبن تي پهچائڻو آهي،مان پاڻ سائين وٽ 1981 ۽ 1982 ۾ نائين ۽ ڏهين ڪلاس جي تعليم حاصل ڪئي، مون سان گڏ ڪيترائي دوست اهم منصبن تي پهتا،جن مان ڪيترائي ڊاڪٽر ۽ انجنيئر بڻجي ٻاهرين ملڪ ويا، اهڙي طرح سائين جي نرسري مان هزارين شاگردن جو جنم ٿيو، اهو انهن جو اسان جي قوم، اسان جي ڌرتي ۽ ماڻهن جي مٿان تمام وڏو احسان رهيو جو پاڻ صرف ۽ صرف ذهين ترين شاگرد پيدا ڪندا رهيا، انهن جي اهڙي قرباني جي ڪري هزارين گهرن ۾ خوشحالي آئي ۽ اهو سفر نسل در نسل هلي رهيو آهي، سائين جي وڇوڙي تي دل روئي رهي آهي،سموري علائقي ۾ ڏک ۽ درد جي ڪيفيت آهي، ائين محسوس ٿي رهيو آهي ته اسان جي گهر جو وڏو ۽ اسان جو پنهنجو بزرگ اسان کي درد جي ڪيفيت ۾ ڇڏي ويو آهي، ناليواري تعليمي ماهر سائين بدرالدين محمدي جو چوڻ آهي ته سائين حبيب الله لاکو جن پنهنجي استادي پيشي جي شروعات 1958 ۾ پنوعاقل کان ڪئي هئي، جيڪو ادارو محمدي صاحب جي والد صاحب مرحوم الله بخش محمدي قائم ڪيو هو، اهڙي طرح سنڌ جي نالي واري ليکڪ، شاعر ۽ استاد سائين سرور سيف جو چوڻ آهي ته سائين ڪجھ ڏينھن منھنجو به استاد ھو بيحد شفيق ،گھوٽڪي جا محترم استاد وشنداس ،سائين ڇڳا رام به منھنجا استاد ھئا ، جن سان ملاقاتون ٿينديون ھيون قدم بوسي ڪندو ھوس ،سائين حبيب الله سان ڪو ھڪ اڌ دفعو ملاقات ٿي ،اڄ خبر پڙھي ڏک ٿيو ته سائين حيات ھو ته ساڻس ملڻ جو خيال ڇونه پيدا ٿيو، ناليواري استاد عبدالغفور سندراڻي جو چوڻ آهي ته استاد حبيب الله لاکو صاحب وٽ اسين به پڙھيا ھئاسين،بيحد شفيق مھربان استاد ھو،ائين لڳندو ھو جھڙوڪ اسان جو پنھنجو ڀاتي ھجي.درگاهہ لالڻ سائين مان سائين غلام ميران شاهه جو چوڻ آهي ته ڏاڍو افسوس ٿيو , سائين منهنجو به استاد رھيو، پي آئي اي ۾ اهم منصب تي پهچندڙ ماٿيلي واسي نثار احمد شيخ پڻ چيو آهي ته سائين منهنجو به استاد رهيو ۽ اهڙا استاد قومن ۽ ڌرتي جو فخر هوندا آهن، اڄ گهوٽڪي کي سائين جي جدائي شدت سان محسوس ٿي رهي آهي ڇاڪاڻ ته اهڙا تاريخ ساز ماڻهو ڪڏهن ڪڏهن جنم وٺندا آهن، اڄ جڏهن اسان جو ناليوارو تعليمي ماهر، اڳوڻو هيڊ ماستر ۽ عظيم استاد حبيب الله لاکو ڪجهه عرصو طبيعت جي ناسازي کان بعد لاڏاڻو ڪري ويو ته گهوٽڪي واسين جي محبتن جو اندازو انهي ڳالھه مان لڳائي سگهجي ٿو ته سندس جنازي نماز ۾ گهوٽڪي جي معزز ماڻهن، علمي، ادبي ،سماجي ،سياسي شخصيتن، وڪيلن، ڊاڪٽرن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، استاد حبيب الله لاکو گهوٽڪي ضلعي جي هڪ معتبر ۽ محبت ڪندڙ تعليمي شخصيت هئا. هنن تعليم جي شعبي ۾ پنهنجي زندگيءَ جا ڪيترائي سال گذاريا ۽ هڪ ريٽائرڊ هيڊ ماستر جي حيثيت سان هزارين شاگردن جي علمي پرورش ڪئي.کين گهوٽڪي ۽ ان جي ڀرپاسي وارن علائقن ۾ هڪ سٻاجهي، شفيق ۽ پنهنجي پيشي سان سچي ماهرِ تعليم طور سڃاتو ويندو هو.استاد پنهنجي پونئيرن ۾ پنهنجا ٽي پٽ حفيظ الله لاکو، ايڊووڪيٽ شڪيل احمد لاکو ۽ حسيب الله لاکو سميت تمام وڏو ڪٽنب سوڳوار ڇڏيو آهي .
مرحوم جي پنهنجي اباڻي قبرستان ۾ آلين اکين سان تدفين ڪئي وئي، استاد حبيب الله لاکو گهوٽڪي جي ڊي سي هاءِ اسڪول ۾ پنهنجي زندگيءَ جو وڏو وقت انگريزي جي تعليم ڏيئي هزارين شاگرد پيدا ڪيا جن مختلف عهدن تي اعلي مقام حاصل ڪيو، انهيءَ سان گڏ پاڻ پنوعاقل سميت گهوٽڪي جي مختلف تعليمي ادارن ۾ فرائض سرانجام ڏنا، گهوٽڪي ۽ ڀرپاسي ۾ اهڙي عظيم استاد جي وڇوڙي تي ڏک جي وڏي ڪيفيت آهي.