شوال ( ويب ڊيسڪ ) اتر وزيرستان جي تعلقي شوال ۾ پورهيتن گاڏي ۾ ڌماڪي سبب يارنهن مزدور مارجي ويا.
ڊپٽي ڪمنشر ريحان گُل موجب، دهشتگردن هڪ گاڏي کي بارودي مواد سان اُڏائي ڇڏيو جنهن جي نتيجي ۾ گاڏي ۾ سوار 11 پورهيت مارجي ويا.
پوليس موجب، ڌماڪو اتر وزيرستان جي تعلقي شوال جي علائقي گل مير ڪوٽ ويجهو هڪ ڳوٺ ۾ ٿيو، جنهن جي نتيجي ۾ يارنهن پورهيت مارجي ويا، ٽي ڄڻا گم جڏهن ٻن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي.
پوليس جو چوڻ آهي ته گاڏي ۾ ڪُل سورنهن پورهيت سوار هئا، لاش ۽ زخمين کي ويجهي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.
مقامي اختيارين جو چوڻ آهي ته مارجي ويلن جو تعلق ڏکڻ وزيرستان جي تعلقي مڪين ۽ وانا سان هو.