اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) اڳوڻي وزيراعظم ۽ پي ٽي آءِ چيئرمين جي پرنسپل سيڪريٽري اعظم خان جو سائفر معاملي۾ 161 جو بيان رڪارڊ ڪيو ويو آهي.
اڳوڻي پرنسپل سيڪريٽري اعظم خان توشا خانا ڪيس کانپوءِ سائفر معاملي ۾حقيقتن تان پردو کڻي ڇڏيو، اعظم خان جو بيان اربع جي ڏينهن رڪارڊ ڪيو ويو هو.
اعظم خان جي بيان کانپوءِ ايف آءِ اي جي دهشتگردي ٽوڙ ونگ آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ تحت داخل ايف آءِ آر ۾ گرفتاريون شروع ڪيون.