ڪراچي کان اسلام آباد ويندڙ بس حادثي جو شڪار، عورتن ۽ ٻارن سميت 18 ڄڻا سڙي فوت

حافظ آباد ( ويب ڊيسڪ) پنڊي ڀٽيان ويجهو روڊ حادثي کانپوءِ بس ۾ باهه لڳڻ سبب 18 مسافر سڙي فوت ٿي ويا جڏهن ته 15 زخمي ٿي پيا آهن.

حادثي بابت ڊي پي او ڊاڪٽر فهد ٻڌايو ته 18 لاش ڪڍيا ويا آهن، حادثي ۾ بس ۽ پِڪ اَپ وين جو ڊرائيور به سڙي فوت ٿي ويو آهي.

هن ٻڌايو ته حادثي ۾ 18 ڄڻا سڙي فوت جڏهن ته 15 زخمي ٿي پيا آهن، جن کي طبي امداد لاءِ اسپتال منتقل ڪيو  ويو آهي، زخمين مان ڪيترن ئي مسافرن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي.

ڊي پي او موجب، فوت ٿي ويلن جي سڃاڻپ ڊي اين اي ذريعي ٿي سگهندي، زخمين کي پنڊي ڀٽيان ۽ فيصل آباد جي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.

ڊي پي او جو چوڻ آهي ته پڪ اپ ۾ ڊيزل جا ڊرم رکيل هئا جنهن سبب بس کي باهه وڪوڙي وئي.

ريسڪيو ذريعن جو چوڻ آهي ته مسافر بس ۾ 35 کان 40 مسافر سوار هئا، حادثي ۾معجزاڻي طور بچي ويل مسافرن جو چوڻ آهي ته مسافر بس ڪراچي کان اسلام آباد وڃي رهي هئي، اوچتو گاڏي سان ٽڪرائجڻ کانپوءِ بس کي باهه وڪوڙي وئي، مسافرن کي ٻاهر نڪرڻ جو موقعو ئي نه ملي سگهيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.