اسلام آباد ويب ڊيسڪ ) اسلام آباد جي ترنول ٿاڻي جي پوليس طرفان اڳوڻي وفاقي وزير شيرين مزاري جي نياڻي ايمان مزاري کي گرفتار ڪرڻ جي تصديق ڪري ڇڏي آهي
پوليس جو چوڻ آهي ته ايمان مزاري کي سندس رهائشگاهه تان گرفتار ڪيو ويو آهي.
ان کان اڳ شيرين مزاري دعويٰ ڪئي هئي ته پوليس ۽ سادا ڪپڙا پهريل ماڻهو ايمان مزاري کي گهران اغوا ڪري کڻي ويا آهن.
سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ايڪس تي جاري ڪيل بيان ۾ سندس چوڻ هوته اهلڪارن سڄي گهر ۾ هيڏي هوڏي ڦرندا رهيا، ايمان پنهنجي ڪمري ۾ ستل هئي، اهلڪارن کيس ڪپڙا بدلائڻ به نه ڏنا.
شيرين مزاري پنهنجي پوسٽ ۾ لکيو ته عورت پوليس اهلڪارن ۽ سادا ڪپڙا پهريل اهلڪار اسان جون سيڪيورٽي ڪيمرائون، ايمان جو ليپ ٽاپ ۽ فون به کڻي ويا آهن.
شرين مزاري جو چوڻ هوته گهر ۾ رڳو ٻه عورتون رهنديون آهيون، اسان کي گرفتاري وارنٽ به نه ڏيکاريا ويا.