آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ ۽ آرمي ايڪٽ ترميمي بلز تي صحيحون ناهن ڪيون: صدر

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته الله گواهه آهي، مون آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ ۽ آرمي ايڪٽ ترميمي بل تي صحي ناهي ڪئي.

صدر عارف علوي پنهنجي بيان ۾ چيو ته مان آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ ايڪٽ ۽ آرمي ايڪٽ ترميمي بل سان اتفاق نٿو ڪيان ۽ پنهنجي عملي کي چئي ڇڏيو آهي ته بل بنا صحيح جي واپس موڪلي ڇڏيو.

صدر وڌيڪ چيو ته مون عملي کان ڪيئي ڀيرا تصديق ڪئي ته بلَ بنا صحيح جي واپس موڪليا ويا آهن، اڄ خبر پئي آهي ته منهنجي عملي منهنجي مرضيءَ ۽ حڪم کي مجروح ڪيو.

عارف علوي وڌيڪ چيو ته الله سڀ ڄاڻي ٿو، مان انهن سڀني کان معافي گهران ٿو جيڪي انهن بلن سبب متاثر ٿيندا، مون انهن بلن تي صحيحون ناهن ڪيون.

ياد رهي ته گذريل ڏينهن اِها خبر سامهون آئي هئي ته صدر عارف علوي آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ ۽ آرمي ايڪٽ ترميمي بل تي صحيحون ڪري ڇڏيوڻ آهن جنهن کانپوءِ ٻئي بل قانون بڻجي ويا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.