ايمان مزاري جو جڊيشل ۽ علي وزير جو جسماني رمانڊ منظور

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) اڳوڻي وفاقي وزير شيرين مزاري جي نياڻي ۽ انساني حقن جي ڪارڪن، وڪيل ايمان مزاري کي ۽ پشتون تحفظ موومينٽ جي اڳواڻ علي وزير کي عدالت ۾ پيش ڪري ڇڏيو، عدالت ايمان مزاري جو جڊيشل رمانڊ ۽ علي وزير جو ٻن ڏينهن جو جسماني رمانڊ منظور ڪري ورتو.

پشتون تحفظ موومينٽ جي اڳواڻ علي وزير ۽ اڳوڻي وفاقي شيرين مزاري جي نياڻي ۽ وڪيل ايمان مزاري کي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ ۾ پيش ڪيو ويو.

ٻڌڻي دوران ميڊيا کي عدالت جي ڪمري ۾ وڃڻ کان روڪي ويو، ان موقعي پوليس جي وڏي نفري  عدالت جي ڪمري ٻاهران مقرر ڪئي وئي.

ايمان مزاري ۽ علي وزير مٿان بنا اجازت جلسي ۽ سرڪار ڪم رنڊڪ وجهڻ جو ڪيس داخل ڪيو  ويو آهي.

ٻڌڻي دوران پوليس علي وزير ۽ ايمان مزاري جي جسماني رمانڊ جي استدعا ڪئي، جڏهن ته ٻنهي اڳواڻن خلاف بغاوت ۽ دهشتگردي جي ٻي ايف آءِ آر به جج جي آڏو پيش ڪئي وئي.

ٻڌڻي دوران شرين مزاري روسٽرم تي آئي ۽ چيو ته مان ڪيس ۾ نامزد نه آهيان، منهنجي موبائيل کسي وئي ، گهر جون سي سي ٽي وي ڪيمرائون ٽوڙيون ويون، اهڙي واقعي بعد پاڻ کي غير محفوظ محسوس ڪريان ٿي.

جج شيرين مزاري کي لاڳاپيل فورم سان رابطو ڪرڻ جي هدايت ڪندي جاچ آفيسر کي سندس موبائيل فون واپس ڪرڻ جو حڪم ڏنو.

عدالت علي وزير ۽ ايمان مزاري کي سڀاڻي ٻيهر عدالت ۾ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪندي، ايمان مزاري کي ترنول ٿاڻي ۾ داخل ڪيس ۾ جڊيشل رمانڊ تي اُماڻي ڇڏيو.

واضح رهي ته اڄ صبح اسلام آباد جي ترنول ٿاڻي جي پوليس طرفان اڳوڻي وفاقي وزير شيرين مزاري جي نياڻي ايمان مزاري کي گرفتار ڪيوويو هو.

پوليس جو چوڻ هو ته ايمان مزاري کي سندس رهائشگاهه تان گرفتار ڪيو ويو آهي.

ان کان اڳ شيرين مزاري دعويٰ ڪئي هئي ته پوليس ۽ سادا ڪپڙا پهريل ماڻهو ايمان مزاري کي گهران اغوا ڪري کڻي ويا آهن.

سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ايڪس تي جاري ڪيل بيان ۾ سندس چوڻ هوته اهلڪارن سڄي گهر ۾ هيڏي هوڏي ڦرندا رهيا، ايمان پنهنجي ڪمري ۾ ستل هئي، اهلڪارن کيس ڪپڙا بدلائڻ به نه ڏنا.

شيرين مزاري پنهنجي پوسٽ ۾ لکيو ته عورت پوليس اهلڪارن ۽ سادا ڪپڙا پهريل اهلڪار اسان جون سيڪيورٽي ڪيمرائون، ايمان جو ليپ ٽاپ ۽ فون به کڻي ويا آهن.

شرين مزاري جو چوڻ هوته گهر ۾ رڳو ٻه عورتون رهنديون آهيون، اسان کي گرفتاري وارنٽ به نه ڏيکاريا ويا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.