خيرپور : احساس وومين ڊولپمينٽ آرگنائيزيشن جي چيئرمين شهناز شيخ صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته فاطمه ڦرڙوقتل ڪيس ۾ خيرپور پوليس پردي پويان لڪيل قاتلن کي وائکو ڪرڻ ۾ ناڪام آھي , معصوم ملازمه فاطمه مٿان حويلي اندر حنا شاهه ۽ ٻيون عورتون مسلسل تشدد ڪنديون هيون , مقتولا فاطمه جي آخري وڊيوز ۾ تشدد سان چور ٿيل فاطمه کي پير اسد شاهه جي بيڊ ڀرسان باندي ڇو بڻايو ويو , ڇا فاطمه کي تشدد سان گڏ جنسي زيادتي جو نشانو به بڻايو ويو هو , جنهن ڪري آخري پسائن تائين فاطمه باندي بڻيل هئي , اهڙن سوين سوالن جا جواب ڳولڻ ۾ خيرپور پوليس ناڪام بڻيل آھي جنهن مان شڪ آھي ته راڻيپور جي پيرن آڏو خيرپور پوليس ڪمداري وارو ڪردار ادا پئي ڪري , شهناز شيخ چيوته فاطمه تي ٿيندڙ ظلم خلاف ڪنهن به صورت خاموش نه ٿينداسين , فاطمه جي هڪ هڪ ظلم جو حساب وٺڻ تائين , مقتول فاطمه جي خون سان انصاف ٿيڻ تائين سندس وارثن سان گڏ آھيون , شھناز شيخ فاطمه ڦرڙو ڪيس جي جاچ آفيسرن کي چتاءُ ڏيندي چيو ته جيڪڏهن ظالمن کي بچائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته پوءِ جاچ جي آفيسرن خلاف اڻٽر تحريڪ هلائي ويندي , فاطمه جو خون لوڙھڻ نه ڏينداسين .