فاطمه ڪيس لوڙهڻ نه گهرجي، حنا شاهه جي پرڏيهه وڃڻ تي پابندي هنئي وڃي: سماجي ردعمل

ڪراچي(عوامي آواز نيوز)سوشل ميڊيا تي ”فاطمه کي انصاف ڏيو“ لڳاتار ٽاپ ٽرينڊ بڻيل آهي،سوشل ميڊيا صارففاطمه شهناز انصاري ٽوئيٽر تي  لکيو ته فاطمه جي تصوير ڏسڻ کانپوءِ  ڪي لفظ ناهن، بلڪل ٽٽي چُور ٿي وئين آهيان، فيروزه لاشاري لکيو ته شهيد نياڻي فاطمه جي قبر ڪشائي، قبر اندر پنج ڏيھن کان پوءِ بھي نياڻي فاطمه جو چمڪندڙ چهرو، ڪامران نقوي لکيو ته معصوم فاطمه شاهه قتل ڪيس جو نوٽيس وٺندڙ ڊي آءِ جي سکر جاويد جسڪاڻي جي بدلي لاءِ تياريون شروع ڪري ڇڏيون آهن، بدلي جو مطلب ڪيس کي ڊگهو ڪرڻ انصاف جو قتل آهي،ڊاڪٽر عرفانه ملاح لکيو ته ڇا ڪو سياسي اڳواڻ فاطمه جي خاندان سان تعزيت ڪرڻ ويو آهي؟ ڇا انهن ۾ ڪنهن پيرن سان جهيڙو ڪرڻ  جي همت نه آهي؟ يا انهن کي  پنهنجي حويلين جو اُلڪو ورائي ويو آهي؟ امتياز چانڊئي چيو ته فاطمه جي قتل ۾ ملوث حنا شاهه جي پرڏيهه فرار ٿيڻ جو امڪان آهي. ايف آءِ اي انهن کي روڪڻ گهرجي،ريحام خان چيو ته اسان کي هر فاطمه جو قدر ڪرڻو آهي ، اسان کي هر فاطمه جي حفاظت ڪرڻي آهي،علي جويو لکيو ته اسد شاهه ننڍڙي نينگري فاطمه سان زيادتي ۽ قتل جو اعتراف ڪيو آهي، هاڻي ڪيس جي ٻڌڻي ٿيندي، والدين ديت وٺندا۽ کيس آزاد ڪيو ويندو، اهو منصوبي جو حصو آهي. پر! ڳالهه هتي ختم نه ٿيڻ گهرجي. پوليس ۽ رينجرز کي گهرجي ته راڻيپور ۾ پيرن جي سمورن حويلين ۾ سرچ آپريشن ڪري اتي موجود سمورن قيدين کي آزاد ڪرايو وڃي،ثنا بڪڪ لکيو ڪيڏو نه بي حس معاشرو آ نياڻي جي مڙه جي ايگزامينيشن جي وڊيو به سوشل ميڊيا تي رکي پئي وڃي،ياسين رند لکيو ته ظالم پير اسد شاھ جي حوالي سان خبر ھلي پئي ته ھُن نشي جي حالت ۾ نياڻي فاطمه سان ڏاڍائي ۽ تشدد ڪرڻ جو اعتراف ڪيو آھي. اِن خبر جي ڪيتري تصديق آھي؟

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.