منهنجي سامهون فاطمه تي تشدد ڪيو ويو: تانيا ڦرڙو جي وڊيو جاري

خيرپور : راڻيپور فاطمه ڦرڙو واقعي کانپوءِ ٻئي نينگري تانيه ڦرڙو جو وڊيوز منظر عام تي اچي ويو، وڊيو ۾ تانيه ڦرڙو  انڪشاف ڪندي  ٻڌايو ته فاطمه جي مٿان منهنجي سامهون تشدد ڪيو ويندو هو، گهر جي باٿ روم ۾ سي سي ٽي وي ڪيمرا لڳل نه هجڻ ڪري اڪثر فاطمه کي باٿ روم ۾ تشدد ڪيو ويندو هيو، تشدد ڪري وار پٽي فاطمه جي تزليل ڪئي ويندي هئي، تشدد سبب فاطمه بيمار ٿي وئي هئي، فاطمه کي پاڻي پيئڻ جي به اجازت نه هئي، جنهن ڪري فاطمه بيماري ۾ ئي تڙپي تڙپي فوت ٿي وئي ۽ فاطما جي فوت ٿيڻ بعد خوف وچان آءُ به وجهه وٺي حويلي مان فرار ٿي گهر پهتي آهيان، خطرو آهي ته مون کي قتل ڪرايو ويندو،

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.