خيرپور : راڻيپور جي حويلي ۾ مبينه طور تشدد ڪري ماريل معصوم ٻارڙي فاطمه واري واقعي خلاف سنڌ چائلڊ پروٽيڪشن اٿارٽي طرفان مقتول نينگري فاطمه بابت رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته فاطمه تي جسماني تشدد، بي حرمتي، گهريلو تشدد ڪيو ويو آهي، واقعي بابت مقامي سرڪاري اسپتال جي ڊاڪٽرن ڊسپينسر ،ڊي ايڇ او خيرپور پاران حقيقتون لڪائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي،