پيراڻي وحشت جو شڪار فاطمه جي قبر ڪشائي، ڳلي، پيٽ ۽ ٻانهن تي تشدد واضح

خيرپور ( رپورٽ:شاهد نواز سيال+ فياض راڄپر) راڻيپور ۾ پير جي حويلي ۾  فاطمه ڦرڙو جي مبينه  قتل ڪيس  وارو مامرو، فاطمه ڦرڙو جيقبر ڪشائي جوڊيشل مئجسٽريٽ ڪنڊيارو جميل احمد راڄپر جي نگراني هيٺ ڪئي وئي، قبر ڪشائي ۾  5 رڪني ميڊيڪل بورڊ  قبرڪشائي ڪرڻ بعد فاطمه جي مڙهه جو پوسٽ مارٽم ڪري  مختلف عضون جا جزا ورتا ويا ،پوسٽ مارٽم دوران سيڪيورٽي جا سخت انتظام ڪيا ويا هئا، ۽ فاطمه جي قبر ڀرسان عام ماڻهون يا ميڊيا کي اچڻ جي اجازت نه ڏني وئي هئي،  5 ڪلاڪن جي پوسٽ مارٽم بعد فاطمه ڦرڙو کي جو مڙهه ٻيهر دفنايو ويو، هن سلسلي ۾ ٻڌايو پيو وڃي ته 5 رڪني ميڊيڪل بورڊ پوسٽ مارٽم جي رپورٽ هڪ هفتي کان هڪ مهيني تائين جاري ڪئي ويندي،ذريعن کان مليل ڄاڻ موجب فاطمه جي ڳلي،پيٽ، ٻانهن سميت جسم تي تشدد جا نشان موجود هئا،  رپورٽ اچڻ شرط فاطمه ڦرڙو قتل ڪيس ۾ اهم انڪشاف سامهون اچڻ جا امڪان آهن.  راڻي پور پيراڻي حويلي ۾ قتل ٿيل نينگري فاطمه ڦرڙو جي ڪيس ۾ اهم اڳڀرائي ٿي آھي. جنھن ۾ هڪ ٻئي وڊيو وائرل ٿي آھي جنھن وڊيو ۾ نينگري جو علاج ڪيو پيو وڃي. جڏھن ته علاج ڪندڙ ڊسپينسر امتياز ميراسي کي پوليس پڻ گرفتار ڪري اڻڄاڻايل هنڌ منتقل ڪري کيس جاچ ۾  شامل ڃڏيو آھي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.