مهرين ڀٽو پهتي، فاطمه جي خون سان انصاف ٿيندو: پ پ اڳواڻ

راڻي پور: پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي ھدايتن تي پ پ ليڊيز  ونگ سنڌ جي جنرل سيڪريٽري ۽ اڳوڻي ايم اين اي  ڊاڪٽر مھرين ڀٽو راڻيپور ۾ حويلي اندر مبينا طور قتل ٿي ويل 10 سالا نياڻي فاطمه ڦرڙو جي وارثن سان تعزيت ڪرڻ لاءِ خانواهڻ جي ڳوٺ علي محمد ڦرڙو ۾  پھتي. جتي ھن فاطمه جي امڙ شبنم ۽ والد نديم سان تعزيت ڪئي ۽ کين يقين ڏياريو ته فاطمه جي خون سان مڪمل انصاف ٿيندو. فاطمه جي قتل ۾ ملوث سڀني جوابدارن کي سزا ملندي.  اسان جي پارٽي جون سموريون ھمدرديون اوھان سان گڏ آھن. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ڊاڪٽر مھرين ڀٽو چيو آھي ته فاطمه ڦرڙو ھجي يا مونيڪا لاڙڪ ھجي انھن کي ناحق قتل ڪيو ويو آهي. فاطمه ڦرڙو جي خون ۾ ملوث قانون کان بچي نه سگھندا. ھن وڌيڪ چيو ته فاطمه ڦرڙو جي ناحق قتل جو پي پي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، ادي فريال ٽالپر ۽ آصفه ڀٽو پڻ نوٽيس ورتو آهي ۽ اسان جون سموريون ھمدرديون فاطمه ڦرڙو  جي خاندان سان آھن .

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.