سردار احمد ۽ برھان خان چانڊيو جا نالا اي سي ايل ۾ شامل ڪيا وڃن: ام رباب چانڊيو

دادو (ويب ڊيسڪ) عدالت ام رباب چانڊيو جي ٽن گهرڀاتين جي قتل ڪيس جي ٻڌڻي پهرين سيپٽمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

اڳوڻي ايم پي اي سردار احمد چانڊيو ۽ سندس وڪيل عدالت ۾ پيش نه ٿيا جنهن سبب ٻڌڻي ملتوي ڪئي وئي.

ام رباب چانڊيو عدالت ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته سردار احمد چانڊيو ٽيون ڀيرو به عدالت ۾ پيش ناهي ٿيو، عدالت مٿس ڪاوڙ جو اظهار ڪندي ٻڌڻي ملتوي ڪئي آهي.

هن چيو ته اڳوڻو ايم پي اي سردار احمد چانڊيو  ملڪ مان فرار ٿي ويو آهي، خدشو آهي ته برهان خان چانڊيو به فرار ٿي ويندو.

هن اليڪشن ڪميشن کي اپيل ڪئي ته سردار احمد چانڊيو ۽ برھان خان چانڊيو جا نالا اي سي ايل ۾ شامل ڪيا وڃن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.