لاهور ( ويب ڊيسڪ ) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي فاسٽ بالر حسن علي سوشل ميڊيا واهپيدار سان ڏند چڪ ڏيڻ کانپوءِ ساڻس معذرت ڪري ورتي.
گذريل ڏينهن قومي ٽيم جي آل رائونڊر شاداب خان پنهنجون ڪجهه تصويرون سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ايڪس تي شيئر ڪيون جنهن جي ڪيپشن ۾ هن لکيو ته ” ڇا منهنجي ماڊلنگ اسڪلز ۾ بهتري آئي آهي؟ مان پنهنجي ٽيم کان سِکي رهيون آهيان“ .
Mai sadqy jaon wari jaon apny yaar pa
Maa Sha Allah nazar na lag jaye 😘 https://t.co/PShjcCnO8v— Hassan Ali 🇵🇰 (@RealHa55an) August 18, 2023
اِها ڳالهه ڪنهن کان به لڪل ناهي ته حسن علي ۽ شاداب خان جي قومي ٽيم ۾ گهري دوستي آهي، حسن پنهنجي دوست جي ان ٽوئيٽ تي محبت ڀري لهجي لکيو ” مان صدقو وڃان پنهنجي يار تان، مشاءَ الله نظر نه لڳي“ .
حسن علي جي ردعمل تي حسينن شاهه ٽوئيٽ ڪئي جنهن ڪرڪيٽر جو اِهو انداز ڪجهه پسند نه آيو.
واهپيدار، حسن علي، ٽيم مئنيجر ۽ پي سي بي کي مينشن ڪيو ۽ لکيو ته” خدا جي واسطي، اوهان عالمي ڪرڪيٽر آهيو، ٽيم مئنيجر ۽ پي سي بي ڪرڪيٽرن کي سيکاري تي سوشل ميڊيا ڪيئن استعمال ڪرڻي آهي“
For God’s Sake @RealHa55an
You are an international cricketer…!!@TheRealPCBMedia @Rehan_ulhaq @TheRealPCB at least educate them how to use social media platforms https://t.co/68myw7Te7Y
— Ali Hasnain Shah🇵🇰 (@ali_hasnainshah) August 18, 2023
واهپيدار جي ٽوئيٽ تي قومي ڪرڪيٽر جواب ڏيڻ کان سواءِ نه رهي سگهيو، هن چيو ته ” ادا حسينن هونئن مان ڪجهه غلط يا برو ناهي لکيو، پر پوءِ به، ڪٿي اوهان کي برو لڳو هجي ته معافي چاهيان ٿو“ .
Bhai Ali Hasnain wasy Maine kuch galt ya bura ni likha, Lekin phrr be kahi na kahi pa ap Ko bura laga ho tu maafi chahta hon. https://t.co/gyvXZCFExT
— Hassan Ali 🇵🇰 (@RealHa55an) August 19, 2023