ڪيليفورنيا (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي ٽوئيٽر ۽ هاڻوڪي ايڪس تان ڪنهن به اڻوڻندڙ اڪائونٽ کي بلاڪ ڪرڻ جو فيچر ختم ڪيو پيو وڃي.
ايڪس جي مالڪ ايلون مسڪ ان تبديلي جو اعلان ڪيو آهي.
سوشل ميڊيا تي ايپس تي جيڪي واهپيدار غير اخلاقي مواد کان پرهيز چاهيندا آهن يا هراسان ڪرڻ يا نفرت جوڳي مواد کي پنهنجي ٽائم لائين تي ناهن ڏسڻ چاهيندا، اهي اهڙن اڪائونٽس کي بلاڪ ڪري ڇڏيندا آهن، انهن لاءِ بلاڪ جو آپشن فراهم ڪيو ويندو آهي ته جيئن پريشاني کان بچي سگھن.
پر هاڻ ان آپشن کي ختم ڪيو پيو وڃي.