250 مسافر کڻي ويندڙ جهاز جو پائليٽ فوت

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) آمريڪي رياست فلوريڊا جي شهر ميامي کان اڏامندڙ جهاز جو پائلٽ جهاز جي باٿ روم ۾ ڪِري پيو جنهن کان پوءِ هو فوت ٿي ويو.

پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽس موجب لاٽم ائير لائنز جي فلوريڊا کان سينٽياگو ويندڙ اڏام ۾ 271 مسافر سوار هئا، اڏام ڀرڻ جي ٽن ڪلاڪن کان پوءِ 56 ورهين جي ڪپتان پنهنجي طبيعت ناساز محسوس ڪئي جنهن کي باٿ روم ۾ ڪرڻ کان پوءِ طبي عملي طرفان کيس هنگامي طبي امداد ڏني وئي.

رپورٽس ۾ ٻڌايو ويو ته جهاز ۾ رليف ڪيپٽن ۽ فرسٽ آفيسر به موجود هو.

اڏام کي پانام سٽي جي ٽوڪيومين انٽرنيشنل ايئرپورٽ ڏانهن موڙڻ ۾ اڌ ڪلاڪ لڳو پر لينڊنگ کان پوءِ جڏهن پائلٽ جو معائنو ڪيو ويو ته هو فوت ٿي چڪو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.