ڪولمبو ( ويب ڊيسڪ ) 30 آگسٽ کان پاڪستان جي شهر ملتان ۾ شروع ٿيندڙ ميگا ايونٽ ايشيا ڪپ لاءِ اڻويهه رُڪني ڪامينٽري پئنل جو اعلان ڪيو ويو آهي.
ڪامينٽري پئنل جو اعلان براڊڪاسٽرز اسڪاءِ اسپورٽ پنهنجي ٽوئيٽر اڪائونٽ تي ڪيو جنهن موجب، ميزبان مُلڪ پاڪستان جا چار، ڀارت جا يارنهن اڳوڻا ڪرڪيٽر ڪامينٽري پئنل ۾ شامل آهن، جڏهن ته رميز راجا جو نالو ڪامينٽري پئنل ۾ شامل نه آهي.
From champions in the field to champions on-air! 🙌🏻
Our panel of cricketing legends, analytical experts and inimitable broadcasters are set to elevate the #AsiaCup2023 action like never before. 😍Tune-in to #AsiaCupOnStar
Aug 30 | 2 PM | Star Sports Network#Cricket pic.twitter.com/VOHaAbQQIF— Star Sports (@StarSportsIndia) August 18, 2023
اعلانيل ڪامينٽري پئنل ۾سريلنڪا، انگلينڊ، ۽ آسٽريليا جو هڪ، هڪ ڪرڪيٽر شامل آهي.
پاڪستان جو وسيم اڪرم، وقار يونس، عامر سهيل ۽ بازيد خان ڪامينٽري پئنل ۾ شامل آهن جڏهن ته ڀارت جي روي شاستري، سنجي منجريڪر، گوتم گمڀير ۽ هرڀجن سنگهه سميت ڀارت جا يارنهن اڳوڻا ڪرڪيٽر ڪامينٽري پئنل جو حصو آهن.
ان کانسواءِ سريلنڪا جو اتاپتو، انگلينڊ جو ڊامنڪ ڪارڪ، آسٽريليا جو ميٿيو هيڊن ۽ زمبابوي جو اينڊي فلاور به پئنل ۾ شامل آهي.
واضح رهي ته ايشين ڪرڪيٽ ڪائونسل طرفان اڃا تائين ان پئنل بابت ويب سائيٽ تي اعلان ناهي ڪيو.