ڪئناڊا جي ٻيلن ۾ باهه، 22 هزار کان وڌيڪ ماڻهو بي گهر

اوتاوا (ويب ڊيسڪ) ڪئناڊا جي ٻيلن ۾ لڳل باهه کي ڏهاڪي جي بدترين باهه قرار ڏنو ويو آهي جڏهن ته باهه سبب متاثر صوبي برٽش ڪولمبيا ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪيو وئي آهي.

پرڏيهي ميڊيا موجب ڪئناڊا جي ٻيلن ۾ باهه سبب ويسٽ ڪيلوونا جو شهر شديد متاثر ٿيو آهي جتي گھرن کي وڏو نقصان پهتو آهي جڏهن ته صوبي برٽش ڪولمبيا ۾ سرڪاري طور تي ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي آهي.

برٽس ڪولمبيا جي سربراهه ڊيوڊ ايبي خبردار ڪيو آهي ته باهه لڳڻ جي نتيجي ۾ صورتحال تيزي سان تبديل ٿي رهي آهي ۽ اسان ايندڙ ڏينهن ۾ وڌيڪ چيلينجنگ صورتحال ۾ هونداسين.

رپورٽس موجب مڪ ڊوگل جي ٻيلن ۾ باهه 24 ڪلاڪن دوران 6800 ايڪڙ ايراضي کي پنهنجي وڪڙ ۾ وٺي ڇڏيو آهي جنهن سبب تقريبن 4800 ماڻهن کي علائقي مان ڪڍڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي.

ان کانسواءِ ڪئناڊا جي اولاهين علائقي سان واسطو رکندڙ تقريبن 22 هزار ماڻهو گھر ڇڏي چڪا آهن.

جڏهن ته ماڻهن کي بچائڻ لاءِ هيليڪاپٽر ذريعي منتقل ڪيو پيو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.