پنج مسلمان اداڪارائون، جن کي ماڻهو هندو سمجهن ٿا

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) فنڪار پنهنجي سڃاڻپ ٺاهڻ لاءِ پاڻ کي نون نالن سان متعارف ڪرائيندا آهن ۽ بالي ووڊ ۾ به اهڙيون فنڪارائون آهن جيڪي آهن ته مسلمان پر سڏائبيون هندو نالن سان آهن.

مڌو بالا جو اصل نالو ممتاز بيگم هو، بالي ووڊ ۾ ايندي ئي هن پنهنجو نالو تبديل ڪري مڌو بالا رکيو هو.

مينا ڪماري جو اصل نالو ماهجبين بانو آهي، فلمن ۾ اچڻ بعد اداڪارا پنهنجو نالو مينا ڪماري رکيو.

رينا راءِ جو واسطو هڪ مسلمان گهراڻي سان آهي، بالي ووڊ ۾ اچڻ سان هن پنهنجو اصل نالو سائرا علي تبديل ڪري رينا راءِ رکي ڇڏيو هو.

تبو کي ته سڀ سڃاڻيندا هوندا، سندس واسطو به هڪ مسلمان گهراڻي سان آهي، تبو جو اصل نالو تبسم فاطما هاشمي آهي.

سنجي دت جي ٽئين زال مانيتا دت به مسلمان آهي، هن جو اصل نالو دلنواز شيخ آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.