شاهه رخ ۽ سلمان سان گڏ فلمن جي آڇ ٿُڏڻ تي افسوس ناهي: اميشا پٽيل

ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ اداڪارا اميشا پتيل چيو آهي ته شاهه رخ خان ۽ سلمان خان سان گڏ فلمن جي آفر ٿڏڻ تي افسوس ناهي.

اداڪارا اميشا پٽيل ڀارتي ميڊيا کي ڏنل انٽرويو ۾ چيو ته هن کي شاهه رخ خان جي فلم ”چلتي چلتي“ سلمان جي ”تيري نام“ ۽ سنجي دت جي بلاڪ بسٽر فلم ”منا بهائي ايم بي بي ايس“ ۾ ڪم جي آڇ ٿي هئي پر ٻين پروجيڪٽس ۾ مصروف هجڻ هن انڪار ڪري ڇڏيو.

اداڪار جو چوڻ هو ته انهن فلمن ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ مون وٽ وقت نه هو ۽ اهي آڇون ٿڏڻ تي ڪو به افسوس ناهي. پنهنجي هٽ فلم ”ڪهو نا پيار هي“ جي هيرو ريٿڪ ريشن سان گڏ ڪنهن به فلم ۾ ڪم ڪرڻ جو انتظار ڪري رهي آهيان.

سني ديول ۽ اميشا پٽيل جي هٽ فلم”غدر 2“ تازو ئي رليز ٿيڻ بعد هٽ ٿي وئي آهي ۽ فلم هيل تائين ڪروڙين رپيا ڪمائي چڪي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.