بابر ، روهت ۽ ڪوهلي کان گهڻو بهتر آهي: عاقب جاويد

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) قومي ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان عاقب جاويد جو چوڻ آهي ته پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جو ڪپتان بابر اعظم ويرات ڪوهلي جي مقابلي ۾ وڌيڪ تسلسل سان رنسون ٺاهيندو آهي.

لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي اڳوڻي فاسٽ بالر عاقب جاويد چيو ته ڊگهي عرصي کانپوءِ عالمي ڪپ لاءِ پاڪستان جي بهترين ٽيم ٺهي آهي، قومي ٽيم جو ڪامبينيشن سٺو لڳي رهيو آهي، فاسٽ بالرز، اسپنرز، ٽاپ آرڊر ۽ مڊل آرڊر به سٺا آهن ۽ فٽ به آهن.

هن چيو ته هاڻي ڀارت جي اهڙي صورتحال اِها آهي جو ٽيم جي رانديگرن بابت اڳڪٿيون ڪيون پيون وڃن ته ڪير ڪير ورلڊ ڪپ کانپوءِ رٽائر ٿيندو، منهنجي خيال آهي ته عمر ۽ فٽنس جي لحاظ کان پاڪستان ٽيم ڀارت کان گهڻو اڳتي آهي ۽ پاڪستان وٽ  هن دفعي بهترين آپشن آهن.

عاقب جاويد چيو ته ڀارتي ڪپتان روهت شرما وٽ هاڻي گهڻي ڪرڪيٽ ناهي بچي، مٿس دٻاءُ آهي ۽ هوڏانهن پاڪستان جي ڪپتان بابر اعظم جي قومي ٽيم ۾ پرفارمينس سٺي آهي انڪري بابر اعظم روهت شرما کان بهتر آهي، روهت شرما جي حوالي سان ڳالهيون هلي رهيون آهن ته هو  ڀارتي ٽيم جو ڪپتان ڇو آهي؟.

هن چيو ته ويرات ڪوهلي جي جيڪڏهن بابر اعظم سان ڀيٽ ڪجي ته ويرات ڪوهيل سيزن، سيزن ۾ سٺو کيڏندو آهي پر ان کانپوءِ رنسون ناهي ٺاهي سگهندو، جڏهن ته بابر اعظم تسلسل سان رنسون ڪندو آهي ويرات ڪوهلي ۾ تسلسل ناهي ٻيو ته بابر اعظم جي ٽيم ۾ هاڻي ڪپتان طور به جاءِ پڪي آهي هو هاڻي پنهنجي پرفارمينس سان ٽيم کي ليڊ ڪندو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.