ممبئي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي شهر ممبئي جي ريلوي اسٽيشن تي عورت سان غلطي سان ٽڪرائجندڙ شخص مڙس جي چماٽ لڳڻ سبب ٽريڪ تي ڪِري فوت ٿي ويو.
سوشل ميڊيا تي وائرل ممبئي جي سيون ريلوي اسٽيشن جي سي سي ٽي وي فوٽيجز ۾ 26 ورهين جي دنيش کي ٻين ماڻهن سان گڏ پليٽ فارم تي ڏسي سگھجي ٿو. دنيش غلطي سان هڪ شخص سان ٽڪرائجڻ کان پوءِ 30 جي عورت شيتل سان ٽڪرائجي ويو.
A 26-year-old man was crushed under a train who fell on the track after being slapped by another man at Sion railway station in #Mumbai. The incident took place on Sunday at around 9:15 pm.The chaos took place when a couple — Avinash Mane, 35, and wife Sheetal Mane, 31 got off⤵️ pic.twitter.com/W37w8sq8qA
— Siraj Noorani (@sirajnoorani) August 17, 2023
عورت دنيش کي ڇٽريءَ سان ماريو ان دوران شيتل جو مڙس اويناش پهتو ۽ دنيش کي چماٽ هنئي. وڊيو ۾ ڏسي سگھجي ٿو ته دنيش چماٽ لڳڻ بعد توازن برقرار نه رکيو سگھيو ۽ ريل جي پٽري تي ڪِري پيو ۽ ريل هيٺان اچي چيڀاٽجي فوت ٿي ويو.