ڊبلن (ويب ڊيسڪ) بينڪ آف آئرلينڊ هڪ ٽيڪنيڪل مسئلي کي حل ڪرڻ بعد معذرت ڪئي آهي.
ٽيڪنيڪل مسئلي سبب واهپيدار پنهنجي اڪائونٽ ۾ موجود بيلنس کان وڌيڪ رقم ڪڍرائي ويا ۽ رقم کي ايپ ذريعي منتقل به ڪري ڇڏيو.
ان خرابي جي خبر سوشل ميڊيا تي باهه جيان پکڙجي وئي، اڱاري جي رات تائين اي ٽي ايم مشينن ۽ ڀرپاسي ۾ قطارون لڳي ويون، نيٺ بينڪ انتظاميا پوليس کي طلب ڪري ورتو.
ڪجهه رپورٽس ۾ چيو ويو ته جن واهپيدارن جي اڪائونٽ ۾ پيسا نه هئا اهي به هڪ هزار يورو تائين رقم ڪڍرائڻ ۾ ڪامياب ٿيا.
ان کانپوءِ بينڪ خبردار ڪيو ته جيڪي ماڻهو وڌيڪ رقم ڪڍرائي ويا آهن يا رقم ٽرانسفر ڪئي وئي آهي اها حد کان وڌيڪ آهي، اها سندن بيلنس مان ڪاٽي ويندي.
ٻئي پاسي مرڪزي آئرش بينڪ بينڪ آف آئرلينڊ تي اي ٽي سسٽم جي خرابي سبب ڏنڊ به لڳايو آهي ڇو ته اي ٽي ايم بند ٿيڻ سبب ماڻهن کي پريشاني ٿي. هاڻي مرڪزي بينڪ ان عمل جي نگراني به ڪري رهي آهي.