ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جرنلسٽس پروٽيڪشن اٿارٽي جي سربراهه جسٽس (ر) رشيد اي رضوي چيو آهي ته ملڪ ۾سياسي آزادي کي قيد ڪيو ويو آھي، سڀني سياسي قوتن سوديبازي ڪري ڇڏي آھي. موجوده سياسي منظر نامي کي ڏسندي صورتحال تمام مشڪل نظر اچي رھي آھي.
ھن اها ڳالهه کاٻي ڌر جي نامياري دانشور حمزھ علوي جي لکيل انگريزي مقالي جو نامياري ليکڪ پروفيسر اردو ٻولي ۾ ڪيل ڊاڪٽر رياض شيخ طرفان اردو ۾ ترجمو ڪيل ڪتاب ” پاڪستان جي سياست ( فوج ۽ نوڪر شاھي جو ڪردار ) “ ڪتاب جي مھورتي تقريب جي صدارت ڪندي پنهنجي خطاب ۾ چئي.
اها تقريب ڪراچي پريس ڪلب جي ادبي ڪميٽي طرفان منعقد ڪئي وئي، ھن چيو ته پي ڊي ايم حڪومت پنهنجن پوين ٻن ڏينھن ۾ 53 قانوني بل پاس ڪيا ويا، جيڪي نه پڙھيا ويا نه انھن تي ڪو بحث ٿيو، ايوان جو ڪورم به پورو نه ھو، ڪجھه ماڻھن بل پاس ڪري ڇڏيا.
هن وڌيڪ چيو ته اهڙي نموني سان ملڪ نه ٿو ھلي سگھي، ان ڪري موجوده صورتحال ۾سول سوسائٽي کي پنھنجو ڪردار ادا ڪرڻ گھرجي ۽ عدليه جي بحالي ۾سول سوسائٽي جو تمام اھم ڪردار رھيو آھي پر سياسي ڌرين عدليه جي آزادي واري جدوجھد تي پاڻي ڦيري ڇڏيو آھي.
ريٽائرڊ جسٽس چيو ته عدليا نظريه ضرورت تحت ڪارن ڪرتوتن کي تحفظ ڏيندي رھي آھي، ھاڻ اسان کي ڪنھن جو انتظار ڪرڻ جي بدران کليل مزاحمت ڪرڻ جي لاءِ گھر گھر وڃي سجاڳي پيدا ڪرڻ جي ضرورت آھي.
ڪتاب جي ليکڪ ڊاڪٽر رياض شيخ خطاب ڪندي چيو ته حمزه علوي 80ع واري ڏھاڪي ۾ جيڪي مقالا لکيا اھي اڄ به ساڳي اھميت رکن ٿا ڇاڪاڻ ته ڳچ عرصو گذرڻ جي باوجود به پاڪستان جون حالتون ساڳيون آھن ،انھن ۾ بھتري اچن بجاءِ ويتر خرابي ٿي آھي.
ڊاڪٽر سيد جعفر احمد چيو ته حمزه علوي تمام وسيع ڪم ڪيو آھي، ان جا لکيل تمام سڄا مقالا موجود آھن سندس لکڻين تي وڏا بحث مباحثا ٿيندا ھئا سندس ھي ڪتاب حمزھ علوي جي 1967ع ۾ لکيل انگريزي مقالي جو اردو ترجمو آھي جيڪو ھن پاڪستان ۾ سول ملٽري بيوروڪريسي الائنس جي باري ۾ لکيو ھو.
ھن چيو ته سول فوجي بيوروڪريسي جاگيردار طبقو پيدا ڪري ان کي تحفظ ڏنو ، جاگيردارن معاشي طاقت سان گڏ سياسي قوت تي پن قبضو ڪري ورتو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ پارليامنٽ ۾ جاگيردار اچي ويا جنھن جو ملڪ کي تمام وڏو نقصان ٿيو آھي.
سينئر صحافي سھيل سانگي چيو ته جڏھن ملڪ وجود ۾ آيو ته ان وقت ڪا سگھاري سياسي قوت موجود نه ھئي. جنھن جو فائدو کڻندي سول بيورو ڪريسي اقتدار تي قبضو ڪري ورتو ۽ ذوالفقار علي ڀٽو جي دور تائين حڪمراني ۾ سول بيوروڪريسي جو عمل دخل رھيو، ڀٽي سڌارا آندا ته وري ملٽري بيورڪريسي جو ڪردار وڌي ويو. فوج جو سياست ۾ ڪردار وڌي وڃڻ جي ڪري ملڪ ڪمزور ٿيو آھي، سياسي قوتن ايم آر ڊي جدوجھد جي نتيجي ۾ مليل ثمر ضايع ڪري ڇڏيو.
عورت حقن جي اڳواڻ مھناز رحمٰن خطاب ڪندي چيو ته 50ع واري دور کان وٺي سياسي حالتون خراب رھيون آھن ، ملٽري سول بيوروڪريسي مضبوط رھي آھي ، جنھن جي نتيجي ۾ ملڪ جو عوام استحصال جو شڪار رھيو آھي.
سينيئر صحافي تجزيه نگار مظھر عباس خطاب ڪندي چيو ته ھميشہ نظريه ضرورت جي ڳالھه ٿئي ٿي پر اڄ نظريه سھولت جي سياست ٿي رھي آھي. گذريل ھفنتي جيڪا قانونسازي ٿي ان سان سياسي قوتون ۽ جمهوريت وڌيڪ ڪمزور ٿيندي ۽ اسٽيبلشمنٽ ۽ نوڪر شاھي وڌيڪ مضبوط ٿيندي، اھڙي قانونسازي جي نتيجي ۾ عدليه ۽ سياست ۾ وڌيڪ ورهاست ٿيندي نظر اچي رھي آھي.
ڊاڪٽر توصيف احمد خان چيو ته ھر ٻن مھينن بعد چيو وڃي ٿو ته پاڪستان نازڪ موڙ تان گذري رھيو آھي ان جا پسمنظر ڇا آھن ، ان تي سوچ ويچار ڪرڻ گھرجي.
حمزھ علوي جو ڪتاب ھڪ تحقيقي مواد آھي جيڪو موجودھ دور جي عڪاسي ڪري ٿو .
ھن چيو ته پاڪستان غير فطري ٺھيو ۽ پھرين ڏينھن کان بيوروڪريسي اقتدار تي قابض ٿي وئي، ان کانپوءِ ملٽري بيوروڪريسي اچي وئي، ڪمزور حڪمران ايندا ويا، سياسي جماعتون ڪمزور ٿينديون ويون، عوامي راڄ قائم ڪرڻ جي لاءِ سڄاڻ ڌرين کي سوچ ويچار ڪرڻ گھرجي.
تقريب ۾ قيصر بنگالي، ڪرامت علي، پروفيسر اعجاز قريشي، جڳديش آھوجا، محمد يونس مھر، خضر قاضي، منظور رضي، ڪامريڊ ناصر منصور، ڊاڪٽر جبار خٽڪ، آغا سيف الله ايڊوڪيٽ، محمد پريل مري، عورت اڳواڻ ڪامريڊ زھريٰ خان، انارڪسٽ اڳواڻ گل محمد منگي، عبدالخالق زدران، سعيد بلوچ، پروفيسر اصغر دشتي، عبدالوھاب بلوچ سميت کاٻي ڌر جي ناميارن سياسي سماجي اڳواڻن، سول سوسائٽي جي نمائندن، انساني حقن جي عملبردارن، ترقي پسند اديبن، دانشورن ۽ صحافين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.