حيدرآباد(رپورٽر) جيئي سنڌ محاذ چئيرمين رياض علي چانڊيو، ڊپٽي جنرل سيڪريٽري پنهل جمالي، ڊاڪٽر خوشحال داس راوت خان چانڊيو، نظير شيخ ۽ ٻين ڪارڪنن سان گڏ فيصل آباد جڙانوالا واري علائقي ۾ گرجا گهرن ۽ مسيحي برادري جي ماڻهن جي گهر کي باهيون ڏيڻ واري واقعي خلاف مسيحي برادري سان يڪجهتي جو اظهار ڪرڻ لاءِ سينٽ ٿامس ڪيٿيٽل چرچ سول لائين حيدرآباد پهتو.
جتي مسيحي اڳواڻن بيشپ ڪليم جان، پادري ڊاڪٽر ڊينئل فياض، عمران جوزف گل، پادري لومز عنايت ۽ ٻين پادرين سندن آڌر ڀاءُ ڪيو، مسيحي برادري سان افسوسناڪ واقعي تي يڪجهتي جو اظهار واقعي تي هڪ منٽ خاموشي اختيار ڪئي وئي.
ان موقعي تي جيئي سنڌ محاذ چئيرمين رياض علي چانڊيو ڳالهائيندي چيو ته شاهه عبداللطيف ڀٽائي ۽ سائين جي ايم سيد جا پيروڪار دنيا جي سمورن مذهبن ۽ انسانن سان پيار ڪندڙ آهن ۽ هن افسوسناڪ واقعي تي تمام گهڻا ڏکارا آهن.
هن چيو ته اسان صدين کان فطري طور تي روادار ۽ سيڪولر قوم آهيون، سنڌ جا ماڻهو ڪنهن سان به رنگ، نسل يا مذهب جي بنياد تي انساني تاريخ ۾ ڪڏهن به نفرت ناهن ڪندا، سنڌ جا ماڻهو ڪنهن زبان سان نفرت نٿا ڪن، اها اسان جي تاريخ ناهي رهي، ان حوالي سان مسيح برداري سان سڄي سنڌ ڏک جي گهڙي ۾ گڏ آهي.
سندس چوڻ هو ته هن وقت جيئي سنڌ محاذ جي قيادت ڪليسا ۾ آئي آهي، جيزس جي سامهون بيهي ڪري دنيا کي ٻڌائي سگهون ٿا ته پيار، امن ۽ محبت برابري جي ضرورت آهي هي اها وحشانيت آهي جيڪا ناقابل معافي آهي.
هن وڌيڪ چيو ته ڪڏهن ڪوهاٽي گيٽ پشاور ۾ گرجا گهر ساڙيو ڇڏين ڪڏهن سنڌ ۾ مندر ساڙي ڇڏين ٿا، ڪڏهن معصوم هندو نياڻين ۽ ڪرسچن نياڻين کي کڻي جبري مذهب تبديل ڪن ٿا جن لاءِ قانونسازي ڪئي وئي آهي ته گهٽ عمر واري نياڻين جي شادي تي بندش آهي، مسيحي برادري خلاف ٿيندڙ ظلمن جو نوٽيس ورتو وڃي.