مذهب جي بنياد تي وجود ۾ ايندڙ رياست

محمد ابراهيم جويو

(نوٽ: سِنڌ جي عظيم مُدبر ۽ مُفڪر سائين مُحمد ابراهيم جويي جو پاڪستان ٺهڻ کان اڳ 1946ع ۾ لِکيل هِي ٽُڪرو پڙهي ڏسو، ۽ عبرت حاصل ڪريو ته اَسان ڪالهه به ڪِٿي بيٺل هُئاسين، ۽ اَڄ به ڪِٿي بيٺل آهيون- هِي ٽُڪرو سائين مُحمد ابراهيم جويي جي ڪتاب ”سنڌ بَچايو- کنڊ بَچايو“ مان وَرتل آهي- جيڪو 1946ع ۾ لِکيو ويو هو(

فرقيواريت هڪ پل لاءِ ڇو نه هجي، اها سياست توڙي مذهب ٻنهي لاءِ فائدي جي ناهي. فرقيواريت پنهنجي جوهر ۾ مطلق العنان ٿيندي آهي. اها گونا گون ۽ امتيازي قومن جي ڍانچن کي نپوڙي بي ست ڪندي آهي. اها تاريخ جي طئه ٿيل حقيقتن کان انڪاري آهي ۽ پڻ اقتصاديات ۽ سماجيات جي اصولن جي منافي آهي!

هندستان ۽ پاڪستان جي قيام جي مطالبن کانسواءِ، فرقيواريت جي بنياد تي، ماڻهن جي لڏپلاڻ ۽ مٽاسٽا جي منصوبي تي به ويچاريو پيو وڃي. ان سلسلي ۾ تاريخ مان ڪو مثال ڳولڻ جي ڪوشش نه پئي ٿئي، ۽ نه ئي اهو سوچيو پيو وڃي ته اهڙو منصوبو عمل جوڳو به آهي!

جيڪڏهن ورهاڱي جي نتيجي ۾، اهڙي لڏپلاڻ يا ماڻهن جي، فرقي جي بنياد تي، مٽاسٽا ڪئي وڃي ٿي ۽ هندستان مان مسلمانن کي ۽ تجويزيل پاڪستان مان هندن کي لڏايو وڃي ٿو ته اهو مسئلو ان وقت جاري رهندو، جيستائين هندستان ۾ هڪ به مسلمان آهي ۽ تجويزيل پاڪستان ۾ هڪ به هندو رهي ٿو. ٻنهي پاسي هندو- مسلمان پاڻ کي ڄڻ ڌارين رياستن ۾ يرغمال ٿيل محسوس ڪندا ۽ سندن سماجي عزت ۽ وقار جي ضمانت رڳو سندن چڱو ۽ ڪس کائڻ وارو ورتاءُ هوندو!ٻن عقيدن وارن لکن ماڻهن کي لڏائي، ٻئي هنڌ ڏانهن دربدر ڪرڻ وارو تجربو گهڻو پيچيدو ۽ پرفريب آهي، جنهن لاءِ عام خلق به راضي ناهي. سوچڻ جي ڳالهه اها آهي ته انهن ماڻهن جي هندستان توڙي پاڪستان ۾ حيثيت ڪهڙي هوندي. فرض ڪريو، جي سنڌ جي سڀني هندن کي انبوهن جي صورت ۾ تڙي، مدراس موڪليو وڃي ٿو ۽ سڀني مدراسي مسلمانن کي ڪٽڪن جي صورت ۾ هتي سنڌ ۾ آندو وڃي ٿو ت9.8

ه اهو عمل ڪٺور ته هوندو ئي، پر وڏي پئماني تي گهرو ويڙهه واريءَ صورتحال کي به جنم ڏئي سگهي ٿو. سندن ٻولي، مِٽي مائٽي، سماجي لاڳاپا، سندن مزاج ۽ لاڙا، سندن وابستگيون ۽ واسطا سڀ ختم ٿي ويندا. اهڙي ويڳاڻپ ۽ اٻاڻڪائيءَ جي حالت ۾ اهي نون وطنن ۾ ڪيئن رهي سگهندا؟ اهي نين حڪومتن لاءِ اڻ ڳڻيا مسئلا پيدا ڪندا. هتي معاملي کي سمجهڻ لاءِ رڳو ٻوليءَ واري مسئلي کي کڻون ٿا. سنڌ ۾ سنڌي ٻولي، سنڌي نه هوندي، پر اها سنڌي گاڏڙ مدراسي هوندي ۽ مدراس ۾ مدراسي ٻولي، مدراسي نه هوندي، پر اها مدراسي گاڏڙ سنڌي هوندي. اهڙيءَ ريت، اهي ٻئي رتيون، پنهنجي اصلوڪي سڃاڻپ وڃائي، ويڳاڻيون ۽ وائڙيون بڻجي پونديون ۽ ائين ڪُل هندستان ۾ سڀ کان وڌيڪ ڏکاريون سر زمينون بڻجي پونديون!

تنهن ڪري اهو سولائيءَ سان ڏسي سگهجي ٿو ته فرقيواريت جي منطق جي اها نام نهاد مهربان روشني اسان کي وڃي ڪنهن اوجهڙ ۾ ئي ڦاسائيندي!

ان لڏپلاڻ واري منصوبي جي ڏهڪاءَ کي ختم ڪرڻ لاءِ اهو اعلان ٿيڻ کپي ته هندن کي تجويزيل پاڪستان ۾ سڪون ۽ امن سان رهڻ ڏنو ويندو ۽ هندستان ۾ مسلمانن کي سندن ”مذهبي، ثقافتي، معاشي، سياسي ۽ انتظامي ۽ ٻين حقن ۽ مفادن کي، سندن صلاح مشوري سان، مناسب، اثرائتي ۽ ضروري آئيني تحفظ فراهم ڪرڻ جي ضمانت ڏني ويندي.“ (فقرو: 2 )9) ii، مسلم ليگي آئين)

هيءَ سڄي ڳالهه پاڻ ۾ ٻه نتيجا سانڍي ٿي: يا ته ماڻهن کي، جتي اهي رهن ٿا، رياست جو شهري مڃيو ويندو ۽ ساڻن شهريءَ وارو ورتاءُ ڪيو ويندو يا کين جتي اهي رهن ٿا، اتي ڌارين هئڻ جو مهڻو ڏنو ويندو. جيڪڏهن مهڻو نتيجو نڪري ٿو ته فرقيواريت جي بنياد تي، ٻن پورو ڇوٽ رياستن جي قيام وارو منطق هوا ۾ ٻاڦ ٿي ويندو. ماڻهو وڌيڪ ڪوبه مطالبو نه ڪندا ۽ ڪو مسئلو نه هوندو. جڏهن ته پڇاڙڪي صورت ۾ جڏهن هندو پاڪستاني رياست ۽ مسلمان هندو رياست ۾ ڌاريا ۽ اوپرا هوندا، ٿيندو ائين جو ماڻهن کي ڪيترا به آزاد خياليءَ تي ٻڌل ۽ آئين کان مٿانهان تحفظ فراهم ڪيا وڃن، پر اهي پنهنجي ئي ڌرتيءَ تي اوپرا ۽ ويڳاڻا هوندا. سندن محب الوطنيءَ تي شڪ ڪيو ويندو ۽ سندن قوميت داءُ تي لڳل هوندي!

اهڙيءَ ريت، هندو مسلم مسئلي جي باهه، سدائينءَ لاءِ، ڀڙڪيل رهندي، فضا شڪ ۽ ڌڪار سان ڀريل هوندي. انهيءَ نام نهاد يا حقيقي نظراندازيءَ ۽ احساس ڪمتريءَ جي حالتن ۾، ٻنهين حريف رياستن جا شهري مڪاني سطح تي اڳتي هلي ڪن ”واقعن“ جو ٻارڻ بڻجندا. اهڙا واقعا، جوابي واقعن کي جنم ڏيندا ۽ انهن مان وري انتقامي ڪارروايون پيدا ٿينديون، جيڪي جوابي انتقامي ڪاررواين کي پيدا ڪنديون. اهڙيءَ ريت اڳتي هلي ٻنهين رياستن ۾ جنگ واري صورتحال پيدا ٿيندي ۽ پوءِ امن جي قيام لاءِ ڪميٽيون ٺهنديون. انهن ڪميٽين ۾ اهي مخالف ٽولا ويهندا. ڪميٽين جون گڏجاڻيون ختم ٿينديون ۽ ٻيهر وڳوڙن کي شهه ڏينديون. اها ويڙهه جيڪا هينئر ڏنڊن ۽ پٿرن سان ڪئي پئي وڃي، اها بندوقن ۽ بمن سان وڙهي ويندي. اها ويڙهه ٿي سگهي ٿو ته مڙهيل ڳالهين وسيلي قائم ڪيل امن تي ختم ٿئي، پر ٻنهين صورتن ۾ فرقيواراڻي وحشت وارو چڪر، سڌيءَ ريت نئين سري کان شروع ٿيندو!

آئون مذهب جي بنياد تي وجود ۾ ايندڙ رياست کي رد ڪندي اهو سوال ٿو ڪيان، ڪوبه ماڻهو اهو ڄاڻائڻ چاهيندو ته اسلام جي واضح ڪيل رياستي اصولن مان ڪوبه هڪ اهڙو آهي، جيڪو پاڪستان جي اسلامي رياست جي قيام جو بنياد بڻجي ۽ جيڪو ساڳيءَ ريت هندو پنهنجي هندستاني رياست جي آئين ۾ شامل ڪرڻ کان ڪيٻائين؟ غير مسلم ٿي سگهي ٿو ڄاڻي ٻجهي يا ٻئي ڪنهن سبب جي ڪري پنهنجن سياسي ۽ سماجي اقتصادي اعتقادن جو بڻ بڻياد نه مڃين ۽ ان جا ٿورائتا نه ٿين، پر هاڻوڪي دور جو لاڳو سچ، جنهن تي مسلمانن جي سنجيده حلقي کي فخر محسوس ڪرڻ کپي. هيءَ آهي ته اسلام، انهيءَ نقطي نظر کان دنيا ۾ مڃيو ۽ ساراهيو ويو آهي!

ٻئي پاسي، اهو به ٿي سگهي ٿو ته اسلام جا سرڪاري دعويدار، زندگيءَ ڏانهن پنهنجي رويي سبب پاڻ گهٽ اسلامي هجن. جڏهن رياست جي حقيقي اڏاوت جو معاملو ايندو ته مسلمانن جي اسلامي رياست، هندن جي هندو رياست کان گهٽ اسلامي هوندي، انهيءَ امڪان کي هن حقيقت وسيلي پرکي سگهجي ٿو ته جاگيرداري، جيڪا شايد پوري نموني غير اسلامي ۽ غير انساني نه هجي، اها هندو ڪانگريس ختم ڪرڻ جو ارادو رکي ٿي. جڏهن ته مسلم ليگ جا مسلمان جاگيردار ۽ نواب انهيءَ کي برقرار رکڻ لاءِ ننهن چوٽيءَ جو زور لڳائي رهيا آهن!

(ڪتاب ”سنڌ بَچايو- کنڊ بَچايو“ مان وَرتل )

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.