غوثپور مان اغوا ٿيل نوجوان آزاد نه ٿيو، 25 لک ڀنگ طلب

غوثپور (رپورٽ :عبدالجبار اوڳاھي) غوثپور مان ھفتو اڳ اغوا ٿي ويل گھوٽڪي جو رھواسي مغوي دلشاد سولنگي کي پوليس بازياب نه  ڪرائي سگهي، ڏوھارين پاران مغوي جي موبائيل فون تان وارثن کان پنجويهه 25 لک رپيا ڀنگ طلب ڪيو ويو، مغوي جي وارثن کان ڀنگ طلب ڪرڻ واري ڪال رڪارڊنگ روزاني عوامي آواز اخبار کي ھٿ اچي وئي، مغوي ڪال تي روئيندي وارثن کي چيو ته مون کي ڏوھارين پاران زنجيرن سان ٻڌي سخت تشدد ڪندا آهن پيسا ڏيئي مونکي آزاد ڪرايو وڃي، مغوي جي وارثن پاران ڪنڌڪوٽ بي سيڪشن پوليس خلاف پاڪ ڪتاب کڻي احتجاج  ڪندي چيو ته اسان غريب مسڪين آھيون، اسان وٽ ايترا پئسا ناھن جوڏوهارين کي ڀنگ ڏيئي پنھنجي نوجوان کي بازياب ڪرائي سگھون، ان موقعي تي وارثن ٻڌايو ته ھڪ ھفتو گذرڻ باوجود پوليس مغوي کي بازياب نه ڪرائي سگهي آهي، هنن مطالبو ڪيو ته اسان جي نوجوان کي آزاد ڪرايو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.