ڪراچي (رپورٽر)سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري گجرنالي سميت نالن واري ڪيس ۾ لکت واري فيصلي ۾ چيو آهي ته متاٽرين پنهنجا 90،90هزار جا چيڪ لاڳاپيل ادارن کان هڪ مهيني اندر وصول ڪن، متاثر ڊپٽي ڪمشنر سائوٿ جي آفيس مان چيڪ حاصل ڪن، جيڪڏهن متاثرن کي ڪا شڪايت آهي ته هو ايڊيشنل ڪمشنر ٽو کي شڪايت ڪري سگهن ٿا، عدالت چيو ته متاثرن جي بحالي جي لاءِ ٻه تجويزڏينون ويون، 6هزار 932 متاثرن کي زمين خريد ڪرڻ جي لاءِ رقم ڏني وڃي يا وري 80گز جي پلاٽ ۽ اڌاوت جا پئسا ڏنا وڃن، وزيراعلي سنڌ خاطري ڪرائي ته متثرن جي حوالي سان حڪم جاري ڪندو ، هڪ ڏينهن اڳ سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري سنڌ سرڪار کي گجر نالي ۽ اورنگي نالن جي متاثرن کي مهيني اندر چيڪ جاري ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو.