عام واهپي جي شين ۾ واڌ، سنڌ سرڪار کي مهلت

ڪراچي (رپورٽر) سنڌهاءِ ڪورٽ جي جسٽس عرفان سعادت خان تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ کير سميت ٻين شين جي قمتين تي ڪنٽرول ڪرڻ  واري ڪيس جي ٻڌڻي دوران حڪومت سنڌ پاران مهلت طلب ڪرڻ تي ڪيس جي ٻڌڻي 13سٽميبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي، عدالت درخواستگذار پنهنجي موقف ۾ چيو ته شين جي قميتن جي تعين جي کاتن جي حد طئي نه ڪئي وئي آهي، ڊگهي عرصي کانپوءِ سنڌ حڪومت پاران جواب داخل ڪرڻ سان اندازو ٿي ويو آهي ته هوءَ سنجيده نه آهي، جڏهن ته چيف سيڪريٽري سنڌ، ڪراچي جي ڪمشنر ۽ ورزات قانون سميت ٻين جي پاران جواب نه جمع ڪرايو ويو آهي .ڪراچي جو عوام مهانگائي جو شڪار آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.