ڪراچي ۾ جڙنوالا واقعي خلاف مختلف ڌرين جو سخت احتجاج

ڪراچي (رپورٽر) جڙانوالا واقعي خلاف مسيحي، هندو، مسلمان، سک توڙي ٻين مذهبن جي ماڻهن جي مذمت، ڪراچيءَ ۾ سخت احتجاج  ڪيو ويو، سک برادريءَ جي ڪيلاش سرحدي، علامه احسان صديقي، مسيحي برادري جي سيمسن جورچ، هيومن رائيٽس ايڪٽيوسٽ موهن لعل مهيشوري ۽ اڳوڻي ايم پي اي منگلا شرما ۽ ٻين عوامي آواز سان ڳالهيون ڪيون، احسان صديقي عوامي آواز سان ڳالهائيندي چيو ته  مان شرمنده آهيان ته مسيحي برادري سان ايڏو وڏو واقعو پيش آيو ۽ شرپسندن مسيحي برادري جي گرجا گهرن توڙي بستين کي ساڙڻ تي معافي ٿو گهران، هن چيو ته جنهن قرآن پاڪ جي بيحرمتي ڪئي صرف ان خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي ها پر مسيحي برادري جي مقدس جڳهن کي ساڙڻ ڪٿان جو قانون آهي، اسلام اهڙي تعليم نه ٿو ڏئي ۽ نه ئي پاڪستان جو آئين به اهڙي حرڪت جي اجازت نه ٿو ڏئي ته ڪنهن جي به عبادتگاهه جي بيحرمتي ڪئي وڃي ۽ ساڙيو وڃي، اڳوڻي ايم پي اي منگلا شرما چيو ته هن واقعي شرم کان ڪنڌ جهڪائي ڇڏيو آهي، پاڪستان دنيا ۾ تيستائين ترقي نه ٿو ڪري سگهي جيستائين اهڙا واقعا بند نه ٿا ٿين. هن وڌيڪ چيو ته هي پهريون واقعو ناهي پر هتي هڪ ٽرينڊ ٺهي ويو آهي جيڪو به ماڻهو اٿي ٿو اهو نه عبادتن گاهون پيو ڏسي، نه مقدس ڪتاب نه ئي وري بستيون، جيڪو ملي اهو ساڙي پيو ڇڏي. هن چيو ته اها به هڪ وڏي افسوس جي ڳالھ آھي ته جهڙاوالا واقعي تي ٻي ڪنهن کي نه پر هڪ عيسائي مذهب جي عيسائي اسسٽنٽ ڪمشنر کي سسپينڊ ڪيو ويو آهي ان سان به انصاف ٿيڻ گهرجي، ڪيلاش سرحدي چيو ته اسين به اظهار يڪجهتي لاءِ هتي آيا آهيون، اسين سڀ پاڪستاني آهيون هي واقعو ڪنهن هڪ مذهب سان نه پر سڄي انسانيت سان ٿيو آهي، اسين مطالبو ٿا ڪيون ته جوابدارن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.